سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جو بحران ۽ اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف مظاهرا، ڌرڻا

0
203

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سستي اٽي جو بحران ۽ اٽي جي اگهن ۾ ٿيندڙ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن، ڪنري ۾ اٽي جي اگھن ۾ واڌ ۽ سستو اٽو نه ملڻ خلاف عورتن، مردن ۽ ٻارن مين ميرپورخاص روڊ تي جھولي لال فلور مل اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪر ڌرڻو ھنيو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته فلور مل وارا سستو اٽو نٿا ڏين، مل انتظاميا ڪوٽا ملڻ باوجود بک مارڻ چاهي ٿي ۽ احتجاج ڪرڻ تي پوليس هٿان مارڪٽ ڪرائي پئي وڃي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته صبح کان آيل آھيون پر اٽو نٿو ملي، اٽو مهانگو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪير ڪارروائي به نٿو ڪري

ٻئي پاسي سڪرنڊ ۾ سستو اٽو نه ملڻ ۽ اٽي جي اگهن ۾ اظافو ڪرڻ خلاف مردن، عورتن ۽ ٻارڙن پاران سخت سيءَ ۾ اقبال ۽ سڪرنڊ فلور ملز سامهون  قومي شاهراھه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته مسڪين ۽ غريب آھيون، فلور ملز انتظاميا 650 رپيا وارو اٽو 950 رپين ۾ ڏئي رهي آهي

هنن چيو ته ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ڇڏي ڊگھي قطار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهڻ باوجو اٽو نٿو ملي ۽ ڪوٽا ختم ٿيڻ جو چئي بُک ماريو پيو وڃي

ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سستي اٽي جي ٿيندڙ ورهاست کي آسان بڻائي واڌ ڪيل اگهه گھٽايا وڃن ته جيئن فاقا ڪشي کان بچي سگهون

هوڏانهن سانگهڙ ۾ به سرڪاري اگهه تي مقرر ڪيل سستو اٽو وڪرو نه ٿيڻ خلاف سوين پورهيتن، عورتن توڙي مردن هٿن ۾ ڏنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ميرپورخاص روڊ بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اگهه تي اٽو نه پيو ڏنو وڃي، مهانگي اگهه تي اٽو خريد نٿا ڪري سگهون، ٻچڙا بُکون ڪاٽي رهيا آهن

ٻئي پاسي ملڪاڻي شريف ۾ رڪشا ڊرائيورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن طرفان سستو اٽو نه ملڻ خلاف پنگريو_ جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته جڏهن کان اٽي جا اگهه وڌيا آهن تڏهن کي ٻچن سوڌو هڪ ويلو کائون ٿا ته هڪ ويلو بکون ڪاٽيون پيا.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت جو سستي اٽي وارو اسٽال نه لڳڻ سبب هڪ مڻ جو اٽو 6 هزار رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري غريب طبقو فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته اٽي جا هٿرادو اگهه وڌائي غريب ماڻهن کي بُک ماريو پيو وڃي، سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته هر شهر ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳائي غريب طبقي کي بُک مرڻ کان بچايو وڃي

هي به پڙهندا

اٽي جو بحران ۽ مهانگائي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، مُک شاهراهه بلاڪ