ڪراچي/ملير /  حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف جيلن مان 530 افغاني عورتون، ٻار  ۽ مرد سزائون پوريون ڪرڻ بعد آزاد، چمن بارڊر ذريعي اڄ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو، 800 افغاني قيدي اڃا تائين سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ ڪراچي سينٽرل ۽ ملير جيلن مان 148 ۽ حيدرآباد جيل مان 169 افغان مرد قيدي آزاد ڪيا ويا، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عورتن جي جيلن مان 125 ٻارن ۽ 88 افغاني عورتن کي سزائون پوريون ڪرڻ تي آزاد ڪيو ويو  ذريعن موجب سمورن افغاني قيدين جون 2،2 مهينن جون سزائون پوريون ٿي چڪيون هيون، جنهن بعد سنڌ جي گهرو کاتي پوليس کي حڪم ڏنو ته انهن افغانين کي چمن بارڊر تي پهچائي افغانستان جي اختيارين حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد اسپيشل برانچ پاران کين سخت سيڪيورٽي ۾ چمن بارڊر پهچايو ويو،. ٻئي طرف سنڌ سرڪار پاران  افغان قونصليٽ کي به سندن 530 شهرين کي واپس ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، واضح رهي ته 4 مهينا اڳ ڪراچي ۾ ڏوهي ڪاررواين ۾ اضافي کانپوءِ پوليس  پاران غير قانوني رهندڙ افغانين خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو ويو، سهراب ڳوٺ، لائينز ايريا،   بنارس، ڪياماڙي، قائد آباد، ڪورنگي، سلطان آباد ۽ ٻين علائقن ۾ گهر گهر تلاشي دوران ڪيترن ئي افغانين کي گرفتار ڪيو ويو هو. هن وقت به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 10 لکن کان وڌيڪ افغاني رهائش پذير آهن