سنجهورو (ن پ ا)صوفين انسان ذات سان محبت سان گڏ ظالم ڏاڍ، ناانصافين خلاف مزاحمت پڻ ڪئي آهي سنڌ صوفين جي سرزمين رھي آھي تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو ته صوفين نه صرف پنهنجي شاعريءَ ۾ مزاحمت ڪئي آهي پر عملي طور به ميدان ملھايو آهي اھڙو اظهار سنڌ ۾ صوفي ازم جي پرچارڪ مانجھي فقير، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، سليمان جي ابڙو، ساگر ابڙو، مھر ڊٻائي، بخشڻ مھراڻوي ۽ ٻين سنڌ جي عظيم صوفي ويراڳي مانجھي فقير جي والد در محمد فقير جي 20 سالياني عرس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ھنن چيو ته سنڌ جي ماڻھو کي صوفي ازم جي ستي پيل آهي اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين ماڻهو مانجھي فقير جي آستاني تي گڏ ٿي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ بنياد پرستي کي رد ڪري ٿي، سنڌ اندر صوفين جا آستانا پيار محبت امن جا گھوارا آھن جتي صوفين جي ٻولي م کين انسانيت جي عظمت جو سبق ڏنو وڃي ٿو ھنن چيو سنڌ ڌرتي سموري دنيا ۾ صوفين جي ڌرتي سڏي ويندي آهي جنهن لاءِ ٻنهي جھانن جي سردار حبيب خدا حضرت احمد مجتبي محمد مصطفي ﷺ فرمايو ته مون کي سنڌ مان ٿڌڙي ھير اچي اچي تي سنڌ ايڏي مان مرتبي واري آهي ان لاءِ اڄ اسين مانجھي فقير جي آستاني تان سموري دنيا کي اھو پيغام ڏيون ٿا ته دھشتگردي، بنياد پرستي، جنگين ۽ نفرتن جو خاتمو چاھيو ٿا ته صوفين جو رستو اختيار ڪيو ٻيو ڪو به دڳ ناهي بچيو ان موقعي تي در محمد فقير جي درگاهه تي چادر چاڙهي دعا گهري وئي محفل ۾ ڀٽائي سرڪار جي سنگ، مانجھي فقير ،رجب فقير، سيد وزير علي شاهه، خالد فقير ڀٽي ۽ ٻين صوفي راڳين ويراڳ ڪري ويٺلن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.