ٺٽو ( رپورٽر ) ٻوڏ متاثرن جي واهر ۽ پاڻي جا قدرتي لنگھه بحال ڪريو  ڪانفرنس ۽ عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اليڪشن پريس ڪلب ٺٽي ۾ ٿي. ڪانفرنس  کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نوراحمد ڪاتيار، صحافي اقبال جاکرو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، گهنور خان زنئور،  شاعر آڪاش عباسي، سنڌي ادبي شاخ ٺٽي جي سيڪريٽري فقير اڪرم، عبدالرزاق چانڊيو، انور پالاري، رياض عباسي، مجاهد بلوچ، بلاول لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻه ڪروڙ ماڻهن کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو آهي، ٻوڏ متاثر دربدر آهن افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته 19 ٻوڏ  متاثرن کي نوري آباد ڀرسان بس ۾ بي دردي سان ساڙي ماريو ويو آهي، پر ڪنهن به ذميوار خلاف ڪو به قانوني قدم نه کنيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن سان دشمني وارو رويو رکيو ويو آهي هنن چيو ته 70 سالن کان سنڌ جي عوام کي ماريو، ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ملڪ جي حڪمرانن جو اهڙو سنڌ دشمن رويو سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. جڏهن ته ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ٻه ڪروڙ سنڌ جي ماڻهن کي هٿ وٺي ٻوڙيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سخت سزائون ڏيڻ سان گڏ   پاڻي جي فطري لنگهن تي حڪومتي ڌر جي وزيرن، مشيرن ۽ ڀوتارن جي ڪيل قبضن کي خالي ڪرائي مٿن قبضن جا ڪيس داخل ڪرڻ سميت نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي موجوده انتظاميه کي فوري طور تي هٽائي اٿارٽي جو سربراه سائنس جي پروفيسر ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سربراه کي به فورن هٽائي ججن سول سوسائٽي، صحافين تي مشتمل اٿارٽي جوڙي وڃي. ٻوڏ ۾ فوت ٿيل في فرد جي خاندان کي هڪ هڪ ڪروڙ، زخمي کي ٽيھ لک ۽ ڊهي ويل گهر جا 50 لک روپيه ڏنا وڃن. جڏهن ته ڪانفرنسن ۾ٻوڏ متاثرن لاء ڪراچي ۾ 10 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وڃي. بس ۾ سڙي فوت ٿيل ماڻهن جو ڪيس اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، ڪمشنر ڪراچي، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ جي وزير، لاڳاپيل ڊي سي، اي سي، مختيارڪار تي ڪيس داخل ڪرڻ سوڌو تباهه ٿيل فصلن ۽ مري ويل مال جو هارين ۽ آبادگارن کي پڻ فوري طور تي معاوضي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.