سنڌ جي قومپرست قيادت جو غازي ڳوٺ ۾ جلسو: ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جون وسنديون پڪيون ڪرڻ جو مطالبو

0
223
سنڌ جي قومپرست

ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ پوليس ۽ ائنٽي انڪروچمينٽ فورس جي زيادتين خلاف احتجاج جاري آهي

ايس يو پي جي صدر زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ملير کان غازي ڳوٺ تائين ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا، جڏهن ته ريلي جلسي جِي شڪل اختيار ڪري ورتي

قومي عوامي تحريڪ  جي صدر اياز لطيف پليجو، زين شاهه، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻين احتجاج کي خطاب پڻ ڪيو

قومپرست اڳواڻن، قلم ڌڻين ۽ فنڪارن غازي ڳوٺ ۾ قائم احتجاجي ڪئمپ تي پهچي رهواسين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ ۾ افغانين سوڌو ڌارين کي تحفظ ڏئي ڌرتي ڌڻين کي بيگهر ڪيو پيو وڃي

قومپرست  اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي مسمار ڪرڻ جو ڪُڌو سلسلو بند ڪيو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌين خلاف سوچيل سمجهيل سازش ڪئي پئي وڃي

قومپرست اڳواڻن تشدد ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪيس ۽ ڪارروائي ڪري رهواسين کي ٿيل نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ”گو افغاني گو“ ريليز