سنڌ جي عاشق جي سالگره جو ڏينهن

0
159
سنڌ جي عاشق جي سالگره جو ڏينهن

 سرزمين سنڌ تي سنڌوءَ ڪناري جي اولهه پاسي سن نالي ھڪ ننڍڙي شهر ۾ هڪ ٻار جو جنم ٿيو جيڪو اڳتي هلي سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور المعروف ٿيو جنھن کي سن جو سائين ۽ سنڌ جو سائين به سڏيو وڃي ٿو. شايد فطرت ھِن کي اِن عشق لاءِ پيدا ڪيو ھو جنھن پنھنجي محبوبا سنڌ ڌرتيءَ سان وفائي جا وچن ورجائيندي دنيا جي سموريون آسائشون، سڪون جو سبب بڻجندڙ دنياوي سموريون لذتون ۽ سامان جائيداد وغيره کي پاسيرو رکي محبوبا سنڌ سان عشق ڪيو جيڪو دنيا جي سمورين لذتن کان مٿانهون ھو. ھِن سنڌ جي عاشق اُھو عشق ڪيو جنھن ۾ سسئي جي پهاڙن جھڙا اوکا پنڌ ۽ پير پٿون به ٿيل ھئا ته وري پنهنجي مارن، ٻوليءَ ۽ ثقافت جا رنگ به ڀريل ھئا جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌوءَ جون لھرون شامل ھيون جنھن جي وسيع سوچ ۾ ڏاھر جي ڏاھپ، ھوشو جي حشمت، دولھه جي دليري ته وري درياهه خان جي رت ڦڙن جي رنگت سمايل ھئي جنھن سن جي سيد جي عشق کي اَڃا به اُتم بڻائي ڇڏيو. اھڙو باغي مھان عاشق جنھن جي خمير ۾ بيوفائي جو تصور ئي ڪونه ھو ھِن شخص ننڍپڻ ۾ ئي ھِن ڌرتيءَ سان عھد وفا وچن ڪيو. سن جي سيد جڏهن ھِن ڌرتيءَ تي شعور جي اک کولي اُن وقت سندس  ٻاروتڻ عمر ھئي ھِن باغي شخص جي لبن تي پھريان سنڌ نالو اچي ويو جيڪو ھِن شخص لاءِ ماکي کان وڌ مٺو ھو جنھن جي مٺاس ھڪ عاشق ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. سن جي سيد جو اُن دور ۾ جنم ٿيو جڏهن سنڌ ڌرتيءَ مٿان غلاميءَ جو راڄ قائم ٿي چُڪو ھو. سائين جي ايم سيد اُن کي پنھنجي فڪر ۽ سوچ سان سنڌ جي ماڻهن کي ھِن سج گرهڻ واري غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ حق سچ جي راھه تي ھلندي سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌي قومپرستي واري نظرياتي فڪر سان روشناس ڪرايو. جيڪا سنڌ ڌرتيءَ حملي آورن جي ھٿان پَنھنجي حقيقي وجود کان آھستي آھستي محروم ٿيندي پئي وڃي. جيڪي ورھين کان سنڌي ماڻهو غلاميءَ واري زندگي گذاريندا هئا ۽ غلامي جي زنجيرن کي پنھنجو نصيب سمجهي ويٺا هئا، ذات پات قبائلي سوچ سان سلھاڙيل نسلن، ذاتين ۽ قبيلن ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ھئا، ذاتين قبيلن کي قوم جو تصور ڏيندا هئا. زمين جي ٽڪرن تان ھڪٻئي جا ڪونڌر پٽ ماري ڇڏيندا هئا. ان وقت رھبر سائين جي ايم سيد پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي جي آڌار تي سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايو ته توهان ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورھايل ماڻهو آھيو. قوم اُھا ھوندي آھي جنھن جي تھذيب، ڪلچر، جاگرافي حدون ۽ ھزارين ورھين جي تاريخ ھوندي آھي تنھن کي قوم چئبو آهي. جڏهن سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي جي باھه ڀڙڪي چڪي ھئي اُن وقت سائين جي ايم سيد انتھاپسندي جي باھه ڀڙڪائيندڙن خلاف “جيئن ڏٺو آهي مون” جھڙا ڪتاب لکي مُلان، پنڊت ۽ پادرين جي مذھبن جي آڙ ۾ غلط تشريحن کي رد ڪيو جيڪي مُلان، پنڊت ۽ پادري مذھبي ٺيڪيدار بڻجي ھميشه اٻوجھه ماڻهن کي لٽيندا ڦريندا ھئا جن ۾ حقيقتن جي ڪابه پرک ڪونه ھئي اُن ماڻهن کي پنھنجن حقن کان لاتعلق بڻائي مذھبي انتھاپسندي جو ٻڄ ڇٽي ڌرتيءَ تي فساد ڪرائي رَتُ جون ھوليون کيڏندا هئا. جي ايم سيد حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي سنڌ جي ماڻهن کي غلامي مان ڪڍڻ لاءِ تاريخي حقيقتن کان روشناس ڪرايو ۽ مذهبي انتھاپسندي جي پٿرن کي رستي تان ھٽائي ڇڏيو جيڪي سندس راھه ۾ رڪاوٽ بڻيل ھئا. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو ته فڪري وارث ھو جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان پھريان اُتم ھُئي ھن جي وطن سان محبت ۽ ڌارين سان نفرت ڪرڻ ھِن عظيم انسان جي موروثي ملڪيت ھئي جيڪا سندس ڏاڏي شاهه حيدر سنائي طرفان حصي ۾ ملي جيڪو مخدوم بلاول جي تحريڪ جو روح روان ھيو جنھن سنڌ اندر ڌارين خلاف سراپا مزاحمت ڪري ميران محمد جونپوري جا ٻيڙا ساڙي ڪابل ڀڃڻ تي محبور ڪيو جنھن وٽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ايتري ته بي پناھه محبت سمايل ھئي جيڪا ھڪ پل ۾ نوجوانن کي موھي ڇڏيندي هئي. اُھو ئي سبب ھو جو ھِن عظيم سن جي پوڙهي جھور شينھن جي سنڌ سان محبت ڏسي سنڌ جا ھزارين ڳڀرو نوجوان عاشق ٿي پوندا هئا سنڌ جو هي واحد پوڙھو شخص ھو جنهن جا عاشق سڀ جوان هئا. سن جي سيد جي محبت ۽ پيار اُنهن نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي ويندو ھو جڏهن سياري جي سرد موسم ۾ قومي ڪارڪنن سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا تڏھن پاڻ اُنهن مٿان چادر اوڙهي ڇڏيندو ھو جڏهن به بک سبب قومي ڪارڪنن جا چھرا مرجھائجي ويندا هئا تڏهن پاڻ گھران ماني کڻي اچي پاڻ کارائيندو هو. ھِن باغي شخص جو پيار ۽ شفقت قومي ڪارڪنن لاءِ ماءُ پيءُ جھڙو ھوندو ھو سندس  بي پناھه پيار سمورن نوجوانن جا ڏک سور دور ڪري ڇڏيندو هو جيڪو دنيا جي سمورين محبتن کان مٿانهون ھو اھڙي محبت کي ڏسي ڪري سندس  عاشقن جو انگ وڌندو ويو جيڪو عشق سن جي پوڙھي جھور شينھن سنڌ سان لڳايو ۽ سنڌ اُن سان ازلي نينھن جو ناتو جوڙي ڇڏيو جتي بيوفائي جو تصور ئي ڪونه هو. سائين جي ايم سيد نه صرف سنڌي قوم جو عاشق ھو جنھن ھميشه سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري جنھن جو محور سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي ھو ھُن سڄي عمر پنھنجي سنڌ وطن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي بقا، خوشحالي ۽ قوم جي ڀلائي جو فڪر ڏنو  جنھن سبب ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي عشق ھِن باغي شخص کي نظر بند ٿيڻو پيو قيد ڪاٽڻا پيا پر تاريخ گواھه آهي ته جنهن ويل به سنڌ مٿان  قھر ٽُٽو ۽ مختلف روپن ۾ سازشي ھوائن ماتر ڀومي سنڌ جو رخ ڪيو تڏھن سائين جي ايم سيد وطن جي دفاع لاءِ سازشين خلاف اڏول ٿي بيٺو رھيو. سنڌ جي خوشحالي واري راھه تي ھلندي شايد ئي ڪوئي عذاب ھجي جيڪو سائين جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ ڀوڳيو نه ھجي سندس لاءِ جيلن جا در کليا کيس نظربند ڪيو ويو سندس تحرير ۽ تقرير تي بندش وڌي وئي سندس مٿان مختلف تھمتون ھڻي نقادن بيجا تنقيد ڪئي پر اُن باوجود به سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پويتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو پر تنهن باوجود به سنڌ جي سيد وطن جي عشق ۾ بغير ڪنهن شڪايت جي اُھي سڀئي عذاب سٺا. سائين جي ايم سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو سندس سوچ انفرادي نه بلڪه اجتماعي هُئي جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو سندس سوچ ۽ لوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي هِن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين اهڙيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي زندگي عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين سنڌ سان عشق سبب سنڌي عوام جي هُجومن ۾ رهيو ۽ عوام سان گڏ رھيو. سائين جي ايم سيد جي سنڌ سان وفائي ۽ محبت تاريخ ۾ اھم مثال قائم ڪيو آهي جڏهن سنڌ نالو کنيو ويندو آهي ته اُتي سائين جي ايم سيد جو به نالو کنيو ويندو آهي اڄوڪي ڏينهن ھِن عظيم ڏينهن تي 17 جنوري تي رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرهه جي موقعي تي نمي سلام پيش ڪجي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ نماڻي وينتي ٿي ڪجي ته سنڌ جي سياسي ڪعبي سن ۾ سمورا پروگرام گڏجي ھڪ پليٽ فارم تي ڪيا وڃن جيڪڏهن اڄ گڏ نه ٿياسين ته ايندڙ مستقبل ۾ تمام ڀيانڪ نتيجا سامھون ايندا جنھن لاءِ ضروري آهي ته ھڪ ٿيون سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي. تازو ئي وفاقي حڪومت آدم ۽ گهر شماري لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڇهه مهينن کان جتي ترسيل آهي اُهو اُتان جو ئي شهري سڏيو ويندو.  ھزارين افغانين جا لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿي چُڪا آهن ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ھلي رھيون آھن جيڪڏھن سنڌ جي ٻولي، ثقافت کي بچائڻو آهي ته ھڪ ٿيڻو پوندو جيئن پنهنجي وطن جي وجود کي برقرار رکي سگھون.

[email protected]