سنڌ جي صنعتي شعبي جي ٽن مهينن تائين گئس فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان

0
245

ڪراچي: سئي گئس انتظاميا طرفان سنڌ جي صنعتي شعبي جي ٽن مهينن تائين گئس فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب گهريلو واهپيدارن کي ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ سڀاڻي کان صنعتي شعبن جي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب پهرين ترجيح اِها آهي ته گهريلو واهپيدارن کي گئس ڏني وڃي، ڊسمبر ۾ گهُرج وڌڻ ڪري لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪري سگهجي ٿو

چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ زبير موتي والا جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان 28 فيبروري تائين صنعتي شعبن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو ويو آهي، گئس بند ٿيڻ ڪري صنعتي شعبن کي پيدوار ۾ سخت ڏکيائون پيش اينديون