سنڌ جي شهري علائقن سان زيادتيون بند نه ٿيون ته حالتون خراب ٿي وينديون:ايم ڪيو ايم

0
223
سنڌ جي شهري علائقن سان

حيدرآباد: ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد جون نئين سر تڪبنديون نه ٿيڻ جي صورت ۾ رستن تي اچڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي

 حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول، مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ ٻهراڙيءَ جا علائقا شامل ڪري ڌانڌليون ڪيون ويون

 خالد مقبول چيو ته ڪير اهو نه سمجهي ته اسان خاموش ٿي ويهنداسين، عدليه سميت هر فورم تي آواز اٿاريو پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو، هاڻي رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي ڪري امن قائم آهي، هاڻي شهر ۾ ڪو به نو گو ايريا نه آهي، سنڌ جي شهري علائقن سان زيادتيون بند نه ٿيون ته حالتون خراب ٿي وينديون

هي به پڙهندا

سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غير جماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان