سنڌ جي سونهن اجاڙڻ جي اجازت؟ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي نه ڪرڻ وارو فيصلو واپس

0
625

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڪرم علي شاهه جي عدالت ڪارونجهر جبل جي کارسر ۽ چڻيندا جبل تي پٿرن جي ڪٽائي نه ڪرڻ بابت پنهنجو جاري ڪيل آرڊر واپس وٺي ڇڏيو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر جبل بابت ايف ڊبليو او ۽ ڪوهه نور وارن جو معاملو سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد ۾ هلندڙ آهي، تنهنڪري عدالت پنهنجو 25 مئي تي جاري ڪيل حڪم واپس وٺي ٿيعدالتي حڪم نظرانداز

ننگرپارڪر جي سول جج 25 مئي تي ڪارونجهر جي پٿر ڪٽڻ تي پابندي ۽ ڪارونجهر ڪٽڻ واري مشينري ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوڪيٽ غلام مصطفيٰ هنگورجو جهڙا وڪيل پهرين ڪيس داخل ڪن ٿا ۽ پوءِ ذاتي مفادن تي سمجهوتو ڪن ٿا، جيڪو پنهنجي پيشي جو غلط استعمال ڪري اهم عوامي مسئلن کي غير سنجيده بڻائي ٿو

عدالت چيو ته وڪيل غلام مصطفيٰ هنگورجو پنهنجن ساٿين سان گڏجي عدالت جي خلاف آڊيوز ٺاهي عدالت خلاف سازش ڪئي آهي ۽ عدالتي ڪاروائي ۾ مداخلت ڪئي آهي، انڪري سرڪل انچارج ايف آءِ اي حيدرآباد 15 ڏينهن ۾ انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪري

ھي به پڙھندا

اسلام آباد ۾ ڪارونجھر جي جبلن جي ليز ۽ ڪٽائي خلاف احتجاج

ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر ۾ ريلي ۽ ڌرڻو