سنڌ جي سنڌ سان ملاقات وارو ڏھاڙو: سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظھار

0
272

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جِي سنڌ سان ملاقات واري ڏهاڙي جو آغاز، سکر ۾ آتشبازي سان انڊلٺي ڏهاڙي جي آجيان ڪئي وئي

خيرپور، ڪوٽڙي، ڄامشورو، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ مشعل بردار ريلين سان قومي ڪاڄ جي آجيان، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سنڌ سان درد جو رشتو سري هيٺ اڄ ايڪتا جو قومي ڪاڄ ملهايو پيو وڃي

سنڌ واسين طرفان قومي ڪاڄ جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ٻوڏ دوران اجل جو شڪار ٿيل ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، روشن ڏيئن ۽ مشعل بردار ريلين سان ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان ڪئي وئي آھي

ڪراچي ۾ واءِ ايم سي روڊ ڦوهارا چوڪ کان آرٽس ڪائونسل ڏانهن ويندڙ روڊ تي مُک تقريب ٿيندي، مُک تقريب منجهند 12وڳي کان رات 8 وڳي تائين جاري رهندي

ڪراچي جي مختلف علائقن مان ريليون مک تقريب ۾ گڏ ٿينديون، ناليوارا فنڪار سرن ورکا ڪندا، ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي

حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مک تقريب سنڌ ميوزم آڏو ٿيندي، تقريب صبح 9 وڳي کان رات 8 وڳي تائين جاري رهندي، لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مک تقريب جناح باغ چوڪ وٽ ٿيندي

سکر ۾ سڀاڻي صبح جو لب مهراڻ آڏو ايڪتا ميلو جي عنوان سان ايڪتا جي مک تقريب ٿيندي، شهر جي ٻين علائقن ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيڻ شروع ٿي ويون آھن

ميرپورخاص ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مک ريلي منجهند هڪ وڳي سيٽلائيٽ ٽائون مان نڪرندي، حيدرآباد روڊ تي قائم ٽائيم نيوز جي ڪيمپ وٽ سموريون ريليز گڏ ٿينديون

مک تقريب ۾ فنڪار سرن جي ورکا ڪندا، نوابشاهه ۾ صوفي فقيرن پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي ريلي ڪڍي، قومي گيتن تي جھمريون ھنيون ويون

ھي به پڙھندا

سنڌ سان درد جو رشتو: سموري سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان لاءِ تقريبون، ميڙاڪا ۽ مچ ڪچھريون