سنڌ جي سنڌ سان ملاقات، مک تقريبون

0
243

ڪراچي: ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جي سنڌ سان ملاقات جاري آهي، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي

ڪنڌڪوٽ، قمبر، عمرڪوٽ، مٺي ۽ شاهپور چاڪر ۾ ماڻهو ثقافتي ويس اوڍي ٻاهر نڪري آيا

 نوابشاهه، دوڙ، ميرپور ماٿيلو، مٽياري، ميهڙ ۽ ٻين شهرن مان ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون ويون

نيو سعيد آباد، ڪوٽ غلام محمد، فريد آباد، نبي سر روڊ ۽ وارهه مان به ريليون ڪڍي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا ڏني وئي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن سان به ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو

Sindh Culture Day being celebrated today

خانپور، گڊو، نصرپور کپرو، ڏيپلو، تنگواڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به ماڻهو رستن تي نڪري آيا

گهارو ۾ به ثقافتي ويس وڳا اوڍيل شهرين جي ريلي ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون

وارهه ۾ هڪ سئو فوٽ ۽ بدين ۾ 50 فوٽ جا اجرڪ جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا

 ٽنڊو باگو ۾ ڪبوتر اڏاري ايڪتا ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي

ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي

Sindhi Cultural Day: One of Pakistan's greatest strengths - Global Village Space

سنڌ ۾ رڳو ايڪتا جي رنگن جي بهار، عيد جهڙا منظر

ڪوٽڙي، دوڙ، فيض گنج، فريد آباد، ڪوٽ غلام محمد ۽ ٻيا شهر به ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي ويا

پنوعاقل، پير جو ڳوٺ، ٺٽو، بدين، دوڙ ۽ گهوٽڪي مان به ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون ويون

جيڪب آباد، ڪڍڻ، خانپور ۽ ٻين شهرن ۾ به ماڻهو ثقافتي ويس وڳا اوڍي نڪري آيا

نوشهرو فيروز، نوان جتوئي، ڪنڊيارو، ٺارو شاهه، جوهي، مانجهند ۽ ٻين شهرن ۾ به سنڌ جي ثقافت جا رنگ جرڪي پيا

ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي به ايڪتا جي رنگ ۾ رڱجي ويا، بيلاس پور ۾ ايڪتا تقريب دوران مشهور فنڪار جَتن اُداسي سُر وکيري شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو

آسٽريليا ۾ رهندڙ سنڌي ڪٽبن طرفان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، عورتن طرفان شيخ اياز جي شاعري سان سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

سکر ۾ جوڳي به ڌرتيءَ سان ايڪتا جي اظهار لاءِ مرليون وڄائيندا نڪري آيا

سکر ۾ جوڳي به ڌرتيءَ سان محبت ۽ ايڪتا جي اظهار لاءِ مرليون وڄائيندا نڪري آيا، جوڳي برادري پاران نانگ هٿن ۾ کڻي سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

مرلي جي ڌنين تي نانگ نچائڻ کانسواءِ رقص به ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي سنڌ سان ملاقات وارو ڏھاڙو: سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظھار