ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران نئين مالي سال 2023 24ع  جي 24ع  جي 21 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ اڄ پيش  ڪئي ويندي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 78 ارب رپين ( 20 سيڪڙو) جي واڌ ڪري 332 مان وڌائي 410 ارب رپيا  ڪئي وئي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو اضافي جا امڪان آهن، ضلعي ترقياتي اسڪيمن لاءِ  گذريل سال واري ساڳئي 35 ارب رپيا رقم مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هارين ۽ عورتن لاءِ خاص پروگرام آڻڻ جون تجويزون به بجيٽ ۾ شامل آهن، ان حوالي سان اڄ صبح جو 11 وڳي وزيراعليٰ  هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ پري بجيٽ  ڪابينا اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ ڪابينا جا سمورا ميمبر شريڪ ٿيندا،  اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ملڻ بعد ٽپهري جو 3 وڳي سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي 21 کرب رپين جي بجيٽ پيش  ڪئي ويندي. نئين مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 78 ارب رپين جي واڌ ڪري 332 مان 410 ارب رپيا ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو ضلعي ترقياتي اسڪيمن لاءِ  هلندڙ سال جيان 35 ارب رپيا ئي مختص ڪيا ويا آهن. نئين سال جي ترقياتي منصوبن ۾ 80 سيڪڙو هلندڙ ۽ 20 سيڪڙو نوان منصوبا شامل ڪيا ويا آهن، هيل مڪاني ادارن جي گرانٽ ۾ به 6 ارب رپيا وڌائي گرانٽ 82 مان 88  ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي 3 لک 53 هزار گھرن جي اڏاوت لاءِ 160 ارب رپين جي لڳ ڀڳ رقم مختص ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 100 ارب عالمي بينڪ جا آهن، هوڏانهن آبپاشي شعبي کي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي بحالي لاءِ  50 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.