سنڌ جي ساڃھ وندن جو عجيب موقف

0
120
سنڌ جي ساڃھ وندن جو عجيب موقف

 الائجي ڇو سنڌ جي ساڃاہه وندن کي اڃان تائين اھا حقيقت سمجھ ۾ نٿي اچي تہ پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل پندرهن سالن کان ملڪي ۽ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جي محبوب پارٽي بڻيل آهي، جنھن جي ذريعي سنڌ جي عوام جو ۽ وسيلن جو انتھائي بي رحميءَ سان استحصال ڪيو پيو وڃي. ڇا ھو واقعي ايترا نادان آھن يا انھن ساڃاهه وندن جا، جيڪي وڏا سنڌ پرست، ترقي پسند، قومپرست، آزادي پسند ۽ مھا انقلابي ھئڻ جا بہ دعويدار آھن، تن جا ان استحصالي نظام سان ڪي معاشي مفاد جڙيل آھن، جنھن جي سنڌ ۾ سڀ کان وڏي رکوال پاڪستان پيپلزپارٽي آھي؟

                 ان حقيقت کان ڪير واقف ناھي تہ ۲۰۰۷ع ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جي ئي منصوبه بنديءَ تحت ئي بينظير ڀٽو کي راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪري سنڌ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي واڳ انھن کي ڏني و.ي، جن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ سک نھ سنڀري. ھي اھو ڪاڪ محل آھي، جنھن لاءِ اسان جي نام نهاد دانشورن اھو طلسمي ڄار اُڻيو تہ، “ابا آھي پيپلا آھن تہ ڏاڍا ڪرپٽ پر اھي اسٽيبلشمينٽ جي لاڏلن ليگلن کان تہ چڱا آھن ۽ انتھائي مفادپرست ھوندي به مڙئي اسٽيبلشمينٽ سان ڏند چڪ پيا ٿا ڏين، سو اسان کي وري بہ انھن جي حمايت ڪرڻ کپي، نہ تہ ھي ليگلا سنڌ ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيندا. سو وري بہ سنڌ لاءِ پيپلز پارٽي ئي بھتر آھي ۽ جيستائين ڪو بھتر متبادل منظر تي نٿو اچي، تيستائين ان تي ڪڏھن ھلڪي تہ ڪڏھن ڇتي تنقيد ڪندي بہ ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي. بس اھڙا ئي ڏاھپ جا ڏس ۽ ڏنگ سنڌ کي گذريل پندرهن سالن کان ملندا رھن ٿا. يعني اسان جا ڏاھا ۽ سنڌ جو استحصال ڪندڙ ملڪي ۽ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ ھڪ ئي پيج تي آھن تہ سنڌ تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪمراني “وري بہ بھتر” آھي. يعني سنڌ کي محڪوم بڻائيندڙ قوتن ۽ سنڌ جي نجات، خوشحالي وغيره وغيره چاھيندڙ قوتن ۾ اھا مڪمل ھم آھنگي آھي تہ ڪوتاھين جو شڪار ھوندي  بہ پيپلز پارٽي ئي باقي سڀني کان “بھتر” آھي ۽ ٻي جيڪا بہ قوت ان جي حڪومت جو خاتمو چاهي ٿي، اھا ان کان به بدتر حڪومت لاءِ رستا ھموار ڪري ٿي. ھي سنڌ جي سياست جو وڏو عجوبو آهي تہ ان نڪتي تي سنڌ جو استحصال ڪندڙ ۽ سنڌ جي استحصال جو خاتمو چاھيندڙ ان تي ھم  خيال آهن. ڀلا ڪير نٿو سمجھي تہ سنڌ جھڙي انتھائي اھم اسٽريٽجڪ رياست تي گذريل پندرهن سالن کان پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ملڪي ۽ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان ئي قائم آھي؟ ۽ ھاڻي بلاول ڀٽو زرداري بہ سندن ئي زير سايہ سنڌ تي اھو استحصالي نظام برقرار رکڻ لاءِ زير تربيت آھي ته جيئن سنڌ تي “سنڌ جي عوام جو چونڊيل اھو محڪوميءَ جو نظام” جاري و ساري رھي.

ان طلسماتي ڄار کي ٽوڙڻ لاءِ جيئن سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد زين شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ مارچ شروع ٿيو آھي تہ وڏن وڏن ساڃاھہ وندن جي وات ۾ مڱ پئجي ويا آهن، ‘اھڙو ڪڇن جھڙي ڀِت! بس انتظار ۾ آھن تہ اھا مارچ ختم ٿيندي ته ھي وري وڃي گھرن ۾ وهندا ۽ ھو وري اھو راڳ ڳائي پنهنجي روزي روٽي محفوظ ڪندا ۽ چوندا تھ، ادا اھي تہ مڙئي ٻه ڏينهن جاڳي وري سمھي پوندا، ۽ اليڪشن ۾ ڀلا ڪھڙيون وري سيٽون کڻندا جو اسان پنهنجي روزي روٽيءَ تي لت ڏئي سندن حمايت ڪريون. پر ھاڻي جن جن جا سنڌ جي حڪمرانن مفاد پورا ڪيا آھن، انھن تي حڪمرانن دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو آھي تہ ھاڻي اسان سان نمڪ حلالي ڪريو ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اڀرندڙ سج کي ڪو گرھڻ لڳايو. سو سنڌ مارچ جيئن جيئن ڪراچيءَ کي ويجهو پھچندو ٿو وڃي،

 تيئن تيئن پ پ پ جي نمڪ حلالين جو تحرڪ بہ تيز ٿيندو ٿو وڃي. پر شابس آهي سنڌ جي نمڪ حلال پٽن ۽ نياڻين کي، جيڪي چپي چپي تي سنڌ جي صالح ڪارڪنن تي ائين پيار جي پالوٽ ڪري رھيا آھن، ڄڻ انھن سان سندن ڪو جنمن جو رشتو ھجي. جيتوڻيڪ ڪوئي ڪنھن جي نانءَ کان بہ واقف نہ ھوندو آھي، بس سڀني لاءِ ايترو ئي ڪافي ھجي ٿو تہ ھي سڀ پنهنجي سرواڻ جي بيمار ٿي پوڻ باوجود سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌي قوم جي آجپي، عزت ۽ وقار سان جيئڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پيرين پنڌ اسان کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيڻ پنهنجو گھر ٻار ۽ روزگار به وقتي طور ڇڏي نڪري پيا آھن. سچ تہ سنڌ جي صالح ڪارڪنن جي ھن قافلي ۾ ڪجھ اھڙا انمول رتن بہ شامل آھن، جيڪي پنهنجي گھر جا اڪيلا ڪمائيندڙ آھن پر چون ٿا تہ اسان کي ھي عشق جو پنڌ گھر ويھڻ نٿو ڏئي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا سرواڻ ۽ ھمسفر ساٿي ساڻن اھو چئي سندن ۽ سندن گھر وارن جا ڀرجهلا بڻجي رھيا آھن تہ، ”ڀلا اوھان تہ عشق جي پنڌ ۾ اسان جا ھمسفر بڻجي ساٿ ڏئي رھيا آھيو، پر پويان اوھان جا گھر ڀاتي ڇو بک ڏک ڪاٽين؟” مون کي پنهنجي ھڪ ھمسفر دوست جي ان جواب لاجواب ڪري ڇڏيو تہ، “اوھان چئو تہ سچ ٿا پر نہ ھن سنڌ جي سڏ کي موٽائي ٿو سگھان ۽ نه ئي منهنجي خود داري مون کي اھا اجازت ٿي ڏئي تہ مان ڪنھن کان مدد گھران.” تڏھن اياز جون ھي سِٽون ذھن تي تري آيون تہ:

ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مُور نہ جھڪائين،

تہ تنھنجي او سائين ڏات ڏھوڻي ٿي پوي.