سنڌ جي رول ماڊل گرل ڪنول لاشاري کي ضلعي ڪائونسل ۾ مخصوص سيٽ ملي وئي

0
439

ڪاڇي جي پٺتي پيل علائقي مان لنڊن جي لاءِ اسڪول پهتل سنڌ جي رول ماڊل گرل ڪنول لاشاري کي دادو ضلعي ڪائونسل ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ ملي وئي

ڪنول لاشاري چيو آهي ته ضلعي ڪائونسل ۾ نمائندگي ڏيڻ تي پ پ قيادت جي ٿورائتي آهيان

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڪنول لاشاري چيو ته ٿيمس اسڪول آف لاء جي ڊگري ماڻڻ سان گڏ ڪاڇي واسي عورتن جي خدمت به ڪنديس

هن ٻڌايو ته، ڇوڪرين لاءِ غربت، تعليم ۽ صحت وارين سهولتن جي کوٽ ۽ ننڍي ڄمار جون شاديون ڪاڇي جا وڏا مسئلا آهن، سنڌ جي نياڻين کي پاڻ مڃائڻو آهي ته پوءِ تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو

هي به پڙهندا

ٽنڊو آدم جو چيئرمين مرتضيٰ جوڻيجو: شهدادپور جون واڳون مرتضيٰ ٿهيم کي ملنديون

سکر جي چيئرمين شپ ڪميل شاهه حوالي: پير قربان نوشهرو فيروز سنڀاليندو