ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو، شاهد ميراڻي، فقير سليم، حبيب جمالي ۽ نظير ميمڻ ) سنڌواسين جي محبوب چينل ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويو، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي واءِ ايم سي اي روڊ تي ٿيل مک تقريب ۾ سنڌواسين جو سمنڊ اٿلي پيو، ڪراچي شهر جي مختلف علائقن سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ڪورنگي، مهراڻ ٽائون، بلديا ٽائون، لياري، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن مان ثقافتي ويس پاتل سنڌ واسي قافلن جي صورت ۾ ايڪتا جي مُک تقريب ۾ پهچي ويا، ايڪتا ڏهاڙي تي هر طرف ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو پاتل نوجوانن ۽ گج پاتل نارين جي رش لڳل هئي، ٽائيم نيوز جي مُک تقريب سبب واءِ ايم سي روڊ، گورنر هائوس چورنگي سميت ڪراچي جا روڊ  رستا اجرڪ ۽ ٽوپي جي رنگن سان رڱجي ويا، مک تقريب ۾ نامياري گلوڪاره شهنيلا علي، طفيل سنجراڻي، احمد مغل، ماروال، غلام علي سمون، عرفان سمون، سائينداد فقير، ايوب ساگر، ڪومل ناز  ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو  تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي ايڪتا جو مطلب متحد ٿيڻ ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيڻ آهي، اسان کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بدران متحد ٿي پنهنجن حقن  جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته سنڌجنهن ڪيترائي اڳواڻ پيدا ڪيا ۽ آمرن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي، انهيءَ سنڌ جي نوجوانن کي تعليم ذريعي اڳتي وڌڻو پوندو، پارٽي يا نعرو ڪهڙو به هجي پر تعليم تمام ضروري آهي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي سنڌ تمام گهڻي خوش آهي پر سنڌ جي حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻوڏ متاثر اڄ به دربدر آهن، انهن جي مالڪي ٿيڻ گهرجي، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته هي ڏهاڙو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي تنقيد بعد علي قاضي  ملهائڻ جو اعلان ڪيو،  سنڌ واسين ثبوت ڏنو ته اهي پنهنجي ثقافت تي چٿر ڪڏهن به برداشت نه ڪندا، اسان کي پنهنجي وطن ۽ ڌرتي سان محبت ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته اڳوڻي صدر تي جڏهن افعانستان ۾ ٽوپي پائي وڃڻ جي تنقيد ٿي ته سڄي سنڌ خاموش هئي، هڪ علي قاضي مردِ مجاهد هو، جنهن ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪو ڏسندي ڏسندي سنڌ ۽ مُلڪ جو سرحدون اورانگهي وڃي پرڏيهه جي ڪيئي مُلڪن تائين پهتو آهي، اڄ فخر آهي ته سڄي دنيا ۾ آباد سنڌي وڏي جذبي سان ايڪتا جي عيد ملهائيندا آهن.  ايڪتا ڏهاڙي تي ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي مک تقريب ۾ شريڪ سنڌ واسين هڪ منٽ جي خاموش اختيار ڪري متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.