ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي صحت کاتي پاران 27 جون کان انتهائي حساس يونين ڪائونسلن ۾ پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ سکر جي مخصوص يونين ڪائونسلن ۾ 29 جون تي مهم هلائي ويندي، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ پوليو مهم جو جائزو وٺڻڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو  33 لک ٻارن کي پوليو وائرس کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا، مهم ۾ 30 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر حصو وٺندا، هن چيو ته لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد جي مخصوص يونين ڪائونسل  ۾ به 29 جون تي پوليو  مهم هلائي ويندي.