ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پرڳڻي  جي سمورن تعليمي بورڊن کي بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي رپورٽ گهري ورتي، ان ڏس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو سمورن بورڊن جي چيئرمينن کي خط لکي ملازمن جي وقت سر حاضري يقيني بنائڻ لاءِ هڪ مهيني اندر بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي،  خط ۾ چيو ويو آهي ته آفيسرن ۽ ملازمن جي آفيسن ۾ دير سان اچڻ سبب شاگردن کي سرٽيفڪيٽن ۽ مارڪ شيٽن حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، اهي به اطلاع آهن ته ڪجهه آفيسر ۽ ملازم غير حاضر هجڻ باوجود پگهارون ۽ الائونس وصول ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سمورا آفيسر ۽ ملازم اختيارين جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ هيڊڪوارٽرز کان ٻاهر نه وڃن، خلاف ورزي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي، خط موجب تعليمي بورڊن جا سمورا چيئرمين صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين آفيسن ۾ حاضري يقيني بڻائين.