سنڌ جي بجيٽ: ملازمن لاءِ 15 سيڪڙو ڊسپئرٽي الائونس جو مطالبو

0
97
سنڌ جي بجيٽ: ملازمن لاءِ 15 سيڪڙو ڊسپئرٽي الائونس جو مطالبو

   سنڌ جي بجيٽ جي حوالي سان به پوسٽون شيئر ڪيون ويون، صدرالدين عمراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 14 جون تي سنڌ جي بجيٽ آھي سرڪاري ملازم تنظيمن کي 15 سيڪڙو ڊسپئرٽي الائونس جيڪو سڀ صوبا کڻي ويا آھن ان لاءِ 13۽ 14 جون تي ڪراچي ۾ سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي. جنهن تي نظير علي شاهه لکيو ته اسان حاضر آهيون، مشتاق بليدي لکيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون، سيف الله رند لکيو ته سٺي صلاح آهي، سجاد سولنگي لکيو ته احتجاج ته اڳ به ڪري آيا هئاسين ان ۾ ڇا ٿيو، عطاءُالله خان لکيو ته تنظيم مان ھاڻي ڪا اميد نه ٿي رکي سگھجي ان لاءِ جدوجهد پھريان ڪرڻ گھرجي ھا ھاڻي ان اشو تي روئڻ اکين جا ذيان آھي، سجاد سولنگي لکيو ته اڳ ڇا ٿيو هو، ضمير گاد لکيو ته اهو الائونس هاڻ ڊس اپيئر ٿي ويو آهي، علي ڪي برڪت لکيو ته تنظيمي اڳواڻ پنهنجو حصو وٺي چپ آهن، حبيب الرحمان ڇڄڙو لکيو ته ايئن ٿيڻ گهرجي مهانگائي وڌي وئي آهي، جڏهن ٻيا صوبا اهو الائونس کڻي رهيا آهن ته پوءِ سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟علي غلام بروهي لکيو ته اڳ ڪهڙيون پڳون ٻڌايون ويون هيون،

ساقي ابڙو لکيو ته ايئن ٿيڻ گهرجي تڏهن وڃي اک پٽيندا،  عمر ميمڻ لکيو ته اڳوڻي احتجاج مان موڙ ٻڌاسين چارٽر آف ڊمانڊ ئي ظاهر ڪونه ڪيو ويو هڪ پنو نازل ٿيو اهو کڻي آيا واهه واهه ٿي ويئي آسري وارو سرڪاري ليٽر به ڪونه ڪڍائي سگهيا، قدم عباسي لکيو ته احتجاج واري ڳالهه ٿوري ڏکي آهي، نبي بخش منگي لکيو ته تنظيمن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عبدالقيوم چنا، نديم سومرو، غلام مصطفيٰ مينگل، امداد علي ميراڻي، حبيب الرحمان سومرو، اي جبار وساڻ، نورالدين پنهور، آفتاب کوکر، فيض نوناري ۽ ٻين پڻ اهڙي پوسٽ تي ردعمل ڏنو. لال ڪربلائي ۽ پرتاب راءِ ميگهواڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ کان پھرين سرڪاري ملازمن لاءِ سنڌ حڪومت سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن. سرڪاري ملازمن کي 15 سيڪڙو  ڊسپئرٽي الائونس سميت وفاق جي طرز تي پگھارن ۾ واڌ ٿيڻ گھرجي. نصرالله خان ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي ملازمن کي 15 سيڪڙو ڊسپئرٽي الائونس فيبروري ۾ ملي چڪو ھاڻي بجيٽ ۾ 15 سيڪڙو ٻيو ملي پيو. ان حساب سان سنڌ حڪومت کان 30 سيڪڙو پگھار وڌائڻ جو مطالبو ڪجي ٿو.