ٺٽو (رپورٽر) سنڌ ۾ سمن واري دور حڪومت جي وزير اعظم شهيد دولھه درياءَ خان جي 502 هين ورسيءَ ملهائي وئي، ان موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم پاران شهيد جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي دعا گھري وئي. جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو ، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ عبدالرزاق چانڊيو قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جي نائب صدر ياصي جاکرو ، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مجاهد بلوچ ، وقاص چانڊيو ، نادر جاکرو ۽ ٻين شهيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ دوران شهيد دولھ درياءَ جي ڏنل عظيم قرباني ، سجاعت ، ڏاهپ ۽ بهادري تي کيس سرخ سلاپ پيش ڪندي پڻ ڀيٽائون پيش ڪيون .