سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻين خلاف ڪرپشن بابت ريفرنس واپس

0
276
سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي
سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻين خلاف ڪرپشن بابت ريفرنس واپس

ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين خلاف ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي

غير قانوني ڀرتين ۽ فنڊن ۾ گهوٻين بابت ريفرنس ۾ غلام حيدر جمالي، ايس ايس پي فيصل بشير ميمڻ، ايس ايس پي فدا شاهه ۽ اي آءِ جي لاهور تنوير طاهر سميت 11 جوابدار نامزد آهن

اڳوڻي آءِ جي سنڌ ريفرنس جي منتقليءَ جي درخواست داخل ڪرائي هئي، ريفرنس ۾ نيب موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدارن پوليس جي فنڊز ۾ 15 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي،

نيب ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اڳوڻي آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن غيرقانوني ڀرتيون ڪيون ويون ۽ پوليس وينز جي خريداري ۾ به گهوٻيون هنيون

2017 ۾ نيب پاران داخل ڪرايل ريفرنس ۾ نامزد جوابدار ضمانت تي آزاد آهن