سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ۾ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جون مقرريون

0
322
سنڌ حڪومت پاران سرڪاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ۾ تازو 19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جون مٿين عهدن تي مقرريون ڪيون ويون آهن.

شير محمد شيخ کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٽيڪسز  مقرر ڪيو ويو، وحيد شيخ کي ايڪسائيز ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ غلان نبي شاهه کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ آف آڊٽ اينڊ اڪائونٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر رياض کوسو کي ڊائريڪٽوريٽ شهيد بينظير آباد ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر لڳايو ويو ۽ انور عباس کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڊمن مقرر ڪيو ويو آهي.

عبدالرحمان راڄپر کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڪريم داد عباسي کي ڊائريڪٽوريٽ حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

ھي به پڙھندا

سنڌ حڪومت پاران ترقيون ماڻيندڙ 288  ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون