سنڌ جي اسڪولن ۾ استادن جي حاضري چڪاسڻ وارو نظام ناڪام

0
304

حيدرآباد: سنڌ جي اسڪولن ۾ استادن جي حاضري چڪاسڻ وارو نظام ناڪام ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ٽائيم نيوز موجب ڪڍڻ جي اسڪول واري واقعي ۾ به مانيٽرنگ آفيسر بدين خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي

ٻن جاچ ڪميٽين به مانيٽرنگ آفيسر خلاف پنهنجي رپورٽ ۾ هڪ لفظ نه لکيو

تعليم کاتي جي ذريعن موجب مانيٽرنگ واري شعبي تي هر سال ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا

ذريعن موجب تشدد جو نشانو بڻائيندڙ استاد امتياز عمراڻي تماچي بجير اسڪول ۾ زباني طور مقرر ٿيل هو

هڪ اسڪول مان ٻي اسڪول ۾ زباني مقرري جي باوجود مانيٽرنگ آفيسر خاموش هو، زباني مقرري جي ڪا حيثيت نه هئڻ جي باوجود استاد پگهار کڻندو رهيو

ذريعن موجب امتياز عمراڻي کي زباني حڪم تحت ٻي اسڪول ۾ ڊيوٽي جي اجازت ڏيندڙ اڳوڻو ڊي اي او به ڪارروائي کان آجو قرار ڏنل آهي

ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مانيٽرنگ آفيسر خلاف سفارش نه ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو، احمد دين ميراڻي موجب رپورٽون سيڪريٽري ڏانهن ويل آهن، هو پاڻ ڪارروائي ڪري سگهي ٿو