سوشل ميڊيا هن وقت جي دور جديد ۾ نه رڳو رابطن ۽ تڪڙي معلومات لاءِ استعمال ٿئي ٿي پر اڄ ڪلھه سوشل ميڊيا جي لٺ صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ غير مهذب، انتهاپسندن ۽ ڪجھه ناسمجھه ماڻهن جي هٿ ۾ به اچي وئي آهي جيڪي شاهه، سچل ۽ سامي جي امن واري هن ڌرتيءَ تي بدامني جي باھه ٻارڻ واريون سازشون ڪري رهيا آهن. سنڌ نه فقط هزارين سالن کان پنهنجي شاهوڪار ڪلچر ۽ ثقافت طور سڄي دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي،
پر ماءَ جهڙي هيءَ مهان ڌرتي دنيا جي هر ڪنڊ مان آيل اجنبي، مسافر ۽ مهمان ماڻهن کي به پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي رهي آهي. موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب جي مالڪ  هن ڌرتي جي تاريخ تي نظر وجهبي ته هتي هر دور ۾ هر مذهب جا ماڻهو امن ۽ شانتي  سان رهندا آيا آهن، هر ماڻهو توڙي گروھه پنهنجن پنهنجن الڳ الڳ مذهبن ۽ عقيدن باوجود هتي سدائين هڪ ٿي رهيا آهن. ليڪن افسوس ۽ صد افسوس ٿئي ٿو ته گذريل ڪجھه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٽي سال اڳ واري رڪارڊ ٿيل امرجليل جي هڪ افساني جا ڪجھه متضاد حصا ايڊٽ ڪري هٿ سان منظرعام تي آڻي هڪ اهڙو بحث ڇيڙيو ويو آهي جنهن سان صوفياڻي سنڌ جي سدا ملوڪ چهري کي مسخ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ان سازش جي پويان لڪل ڪردارن کي هڪ نه هڪ ڏينهن وقت ضرور وائکو ڪندو ليڪن اهو طئه آهي ته هن سازش جي پويان سنڌ جي امن کي خراب ڪرڻ جي نيت کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ڪونهي. امن خلاف ڀڙڪايل اهڙي  باھه تي شروع ٿيل بحث اڃان تائين جاري آهي. ان دوران نه رڳو نام نهاد مذهبي ٺيڪيدارن جي تقريرن جون وڊيوز پڻ سامهون آيون آهن پر سنڌ جا ڪجھه اديب، صحافي ۽ ساڃاھه وند به امرجليل مٿان شروع ٿيل سنگبازي ۾ شامل ٿي ويا آهن.
توڙي جو امرجليل تي ٿيل سنگبازن جي قطار ۾ بيٺل ڪجھه ماڻهن جي هٿن ۾ پٿرن بدران گل آهن پر اهي به ڪم ساڳيو ئي ڪري رهيا آهن.
پٿرن ۽ گلن جي گهاون جو فرق ته زخمن سان چڪنا چور ٿيل امرجليل پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر پاڻ اچون ٿا اصل موضوع تي ته سنڌ جي نالي واري اديبن، صحافين ۽ ساڃاھه وندن پاران امرجليل سان سندس گهر وڃي ساڻس يڪجهتي طور ملاقات ڪرڻ کان پوءِ انهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به ملاقات ڪئي آهي.
جيڪا خوش آئند ڳالھه آهي. سنڌ جي جن نالي وارن اديبن ۽ صحافين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي انهن ۾ نور الهديٰ شاهه، جامي چانڊيو، امر سنڌو، نظير لغاري، عرفانه ملاح، احمد شاهه، ايوب شيخ، ذڪيا اعجاز وغيره شامل آهن، جن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سامهون خيالن جو اظهار ڪيو، ۽ امر جليل خلاف فتوائن ۽ خدشن بابت کيس آگاهه ڪرڻ سان گڏ امرجليل جي زندگيءَ جي خطري کان به آگاهه ڪيو.
بلاول ڀٽي بروقت سنڌ سرڪار کي امرجليل جي زندگيءَ جي حفاظت لاءِ انتظام ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. جيتوڻيڪ سنڌ جي اديبن جي سدائين اها شڪايت رهي آهي ته پ پ قيادت سنڌ جي اديبن ۽ صحافين کي اهميت نٿي ڏئي پر هن ملاقات کان پوءِ ليکارين جون اهي شڪايتون ختم ٿي وڃڻ گهرجن. توڙي جو اديبن جي انهيءَ ملاقات کان پوءِ سندن ئي ادبي برادري پاران مٿن تنقيد به ڪئي پئي وڃي پر آئون سمجهان ٿو سنڌ جي ساڃاھه وندن جو جمهوري طريقي سان چونڊيل سنڌ حڪومت سان سنڌ جي ئي اهم اشوز تي ويجهو ٿيڻ وارو عمل نه فقط وقتائتو آهي پر سنڌ جي فائدي ۾ پڻ آهي. آئون سمجهان ٿو سنڌ جي ساڃاھه کي سمجهڻ گهرجي ته پ پ خود  ماضي ۾ مذهبي انتها پسندن جي نشاني تي رهي آهي ان ڪري کين سنڌي ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آيل سنڌ حڪومت مان بهتري جي اميد رکڻ گهرجي ۽ سنڌ جي صوفياڻي تصورن کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ اڃان به اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ساڃاھه وندن جو نيڪ نيتي سان کنيل ڪوبه قدم سنڌ ۾ پيدا ٿيل انتشار واري فضا کي ختم ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.