سنڌ جي ادارن جا اصل نالا بحال ڪريو … گل ميتلو

0
223
سنڌ جي ادارن جا اصل نالا بحال ڪريو ... گل ميتلو

    گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايڪانامڪس ڪراچي، جو اصل نالو بسنت سنگھه آسومل ڪاليج آف ڪامرس اينڊ ايڪانامڪس ڪراچي آهي. هي ڪاليج 22 جون 1945 تي قائم ڪيو ويو هو.  جنهن جو افتتاح سيٺ شيورتن جي مهتا ڪيو هو.

                         سنڌ جي ادارن جا نالا مٽائي سنڌ جي تاريخ سان کئونس ڪئي وئي آهي. ان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪندي هن اداري جو اصل نالو هاڻي بحال ڪريو.

                         انگريزن جي راڄ هيٺ سنڌ جا اڪثر ادارا انگريز سرڪار نه، پر سرندي وارن ۽ ڊگهي نظر وارن سنڌي سورمن پرائيويٽ ادارن طور قائم ڪيا ۽ هلايا. انهن سورمن ۾ مسلمان، هندو، عيسائي پارسي سڀ شامل هيا. انهن ادارن کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ آيل ڌارين جي حڪومتن ٺهيل ٺڪيل ادارن تي قبضا ڪري، سرڪار جي تحويل ۾ وٺي، انهن جا نالا مٽايا. ته جيئن تاريخي ميراث جي تسلسل کي ڪٽي ڌار ڪجي. تاريخ جا رولو ٽولا ٺهيل ٺڪيل هلندڙ ادارن تي پنهنجا هٿ ٺوڪيا نالا رکي مالڪ بڻجي ويهندا آهن.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي سوين ادارن ۽ ماڳن مڪانن جا اصلوڪا نالا مٽائي، نوان نالا رکيا ويا. ان عمل جي پويان بدنيتي اها هئي ته سنڌين کي پنهنجي تاريخ کان ڪٽي نيچو ڏيکارجي، ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌين وٽ ڪي به اهم ادارا نه هيا. سنڌ جي تاريخي ميراث وارن ادارن جا نالا مٽائي، اها پروپيگينڊا پڻ وڏي پيماني تي ڪئي وئي آهي ته هي نالي مٽ ڪيل ادارا، سنڌين نه پر سنڌ ۾ آيل ڌارين اچي قائم ڪيا. اهو ڪوڙ به هاڻي گهڻو تڻو وائکو ٿي چڪو آهي.

اسان لاءِ اهو تمام گهڻو اهم ته اسان پنهنجي تاريخي نالن کي وري بحال ڪيون. ڪا به قوم پنهنجي شاندار ماضي جي آڌار تي اڳتي وڌندي رهندي آهي. اسان جي وڏڙن جيڪي به قومي تعمير جا سٺا ڪم ڪيا. تن جي پچار ۽ پيروي ڪندي رهجي. ان مان اتساهه وٺجي. تاريخ جي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي هر پيڙهي کي پاڻ اعتمادي سان اڳڀرائي وارا قدم کڻڻ گهرجن.

جن به سنڌ کي ترقي وٺرائي سينگاريو ۽ ادارا قائم ڪيا، تن جا نالا ميسارڻ هڪ ٺڳي جو ڪم آهي. ٺڙڪ ٺڳيون بند ڪريو. سنڌ جي ادارن، شهرن، ڳوٺن، ماڳن مڪانن جا اصلوڪا نالا بحال ڪري، تاريخ کي درست ڪريو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)