اسلام آباد: هلندڙ مالي سال جي مڪمل ٿيل پهرين ٽن مهينن يعني جولاءِ کان سيپٽمبر 2022ع تائين سنڌ صوبي کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 2 کرب 14 ارب 4 ڪروڙ 30 لک رپيا وفاق پاران مليا، جڏهن ته ان عرصي دوران صوبائي ٽيڪسن جي مد ۾ 61 ارب 51 ڪروڙ 30 لک رپيا صوبائي حڪومت وصوليون ڪيون، جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ صوبائي حڪومت 4 ارب 41 ڪروڙ 50 لک رپين جون وصوليون ڪيون، مجموعي طور تي سنڌ حڪومت جي پهرين ٽن مهينن دوران ڪل آمدني 2 کرب 88 ارب 46 ڪروڙ10 لک رپيا رهي. مالي سال جي پهرين ٽن مهينن دوران سنڌ حڪومت جو ڪل خرچ 2 کرب 28 ارب 16 ڪروڙ 70 لک رپيا رهيو، جنهن ۾ جاري خرچن جي مد ۾ هڪ کرب 61 ارب 58 ڪروڙ 60 لک رپيا، وفاقي خرچ کي ورتل قرضن جي مد ۾ وياج جي ادائگي ۾ 2 ارب 80 ڪروڙ 70 لک، ترقياتي منصوبن تي خرچ 28 ارب 27 ڪروڙ 40 لک رپيا رهيو.