سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) آبپاشي کاتي ۾ چيف انجنيئرس سطح جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن ۽ هڪڙي ئي آرڊر وسيلي آبپاشي کاتي جي ويهين گريڊ جا 17 آفيسر بدلي ڪيا ويا آهن. چيف انجنيئر گڊو بيراج سيد سردار علي شاهه کي چيف انجنيئر سکر بيراج ليفٽ مقرر ڪيو ويو آهي. چيف انجنيئر فلڊ مينيجمينٽ حيدرآباد محمد اسحاق عباسي کي بدلي ڪري چيف انجنيئر گڊو بيراج مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل مس نائلا رحيم ابڙو کي چيف انجنيئر فلڊ مينيجمينٽ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. نثار احمد شيخ کي ويهين گريڊ ۾ ترقي ماڻڻ کان پوءِ چيف انجنيئر سکر بيراج رائٽ مقرر ڪيو ويو آهي. مقصود احمد شر چيف انجنيئر آر بي او ڊي پراجيڪٽ ڄامشورو کي بدلي ڪري آبپاشي کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل طور مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اتي جمال الدين مڱڻ کي پي ڊي آربي او ڊي طور بدلي ڪيو ويو آهي. شفقت حسين وڌو چيف انجنيئر ايڊوائيزر ڊبليو ڊي سي کي بدلي ڪري چيف انجنيئر سمال ڊيمز آرگنائزيشن سنڌ حيدرآباد طور مقرر ڪيو ويو آهي جتي مقرر اڪرام الله قريشي کي چيف انجنيئر ڊولپمينٽ ريجن ون آبپاشي کاتو حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي اتي مقرر پريتم داس کي ايم ڊي سيڊا مقرر ڪيو ويو آهي. ولي محمد نائچ ايم ڊي سيڊا کي چيف انجنيئر ايڊوائيزر ڊبليو ڊي سي طور مقرر ڪيو ويو آهي. آبپاشي کاتي ۾ وڏي پيماني ٿيل انهن مقررين جو چيف سيڪريٽري سنڌ آفيس پاران گڏيل طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.