اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ جو 91ع واري معاهدي جي پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ وارو مطالبو رد، ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي خريف جي مُند ۾ ٽه رُخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جو فيصلو ڪري ورتو، اڪثريتي راءِ سان ٿيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب کي آڳاٽي خريف ۾ 10 ۽ پاڇاٽي خريف ۾ 4 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويندو، بلوچستان ۽ ڪي پي پاڻي کوٽ کان آجا قرار، تڪراري ٽه رُخي فارمولي تحت خريد جي مند ۾ سنڌ کي 30 ڏهائي 8 ايم اي ايف پاڻي ملندو، پنجاب کي 35 ڏهائي هڪ، ڪي پي کي ڏهائي 8 ۽ بلوچستان کي 848 ڏهائي 2 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو، ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس خريف جي مُند شروع ٿيڻ جي 7 ڏينهن بعد ڪوٺايو ويو هو، ارسا چيئرمين رائو ارشاد علي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ جي ميمبرز زاهد جوڻيجو، وفاقي ميمبر اسجد علي، بلوچستان جي عبدالحميد مينگل ۽ ڪي پي جي زاهد عباس طرفان شرڪت…………