سنڌ جو پاڻي ۽ درد “ نيٺ ڇا ڪجي”؟

0
218
سنڌ جو پاڻي ۽ درد “ نيٺ ڇا ڪجي”؟

سنڌ جبر ۽ استحصال جي پنجوڙ ۾ ڀيڪوڙجي جنهن تڪليف ۽ اذيت مان گذري ٿي انهيءَ جو مثال هن ملڪ جي پوري تاريخ ۾ ملڻ انتهائي مشڪل بلڪه ناممڪن نظر ايندو اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ جي بدترين بحران جي حدن تائين پهچي چڪي آهي.سنڌ ۾ نه پوک لاءِ پاڻي آهي ۽ نه وري پيئڻ جي لاءِ. اها بدتر صورتحال قدرتي قلت جي ڪري پيدا ناهي ٿي پر سنڌ جو پاڻي زبردستي ڦريو ٿو وڃي پنجاب کوٽ جو اهو حصو کڻڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهي جيڪو کيس حصي پتيءَ ۾ کڻڻ گھرجي. ارسا ۽ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ کوٽ پنجاھه سيڪڙو کان سٺ سيڪڙو تائين آهي ۽ پنجاب ٽيهن کان پنجٽيهه سيڪڙو تائين کڻي پيو. سنڌ جي سوڪهڙي جي صورتحال اها آهي جو سنڌ جا فصل سڙن پيا نون فصلن کي پوکڻ لاءِ پاڻي ناهي ڍنڍون ۽ ڍورا سڪندا پيا وڃن ايتري حد تائين جو ڪينجهر ڍنڍ خطرناڪ حد تائين قلت جو شڪار آهي.

پنجاب پنهنجا لنڪ ڪينال ڀرپور طريقي سان وهائي پيو. اخباري رپورٽ مطابق ٽي پي لنڪ ڪينال 919 ڪيوسڪ وڌائيندي وڌائيندي کڻت  9 هزار 54 ڪيوسڪ تي پهچائي ڇڏي آهي، سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت ۾ 2334 ڪيوسڪ غير معمولي اضافو ڪندي 9220 ڪيوسڪ تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اخباري رپورٽ مطابق معاملو رڳو ايستائين نٿو بيهي پر سنڌ جو پاڻي تونسا کان گڊو جي وچ ۾ ڇڏيل هڪ لک ستر هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿيندي 35555 ڪيوسڪ پاڻي گھٽ پهتو. هن وقت سنڌ جي هر شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خوفناڪ حد تائين پهچي چڪي آهي. سڄي سنڌ احتجاج پئي ڪري پر وفاقي سرڪار پوري احتجاج کي معمول جي گھر سمجھندي ٻڌو اڻ ٻڌو جي تاريخي روين تي قائم آهي. وفاقي پاڻي جي وزارت خورشيد شاھه کي ڏيڻ کان پوءِ شهباز شريف سرڪار پاڻي بحران جو بال سنڌ ڪورٽ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي بظاهر هي تاثر ڏنو وڃي ٿو ته هاڻي جڏهن پاڻي وزارت خورشيد شاھه جي حوالي آهي ته پوءِ سنڌ ڄاڻي ۽ ارسا، سنڌ جو جيڪو معاشي نقصان ۽ سماجي بحران پيدا ٿيندو انهيءَ جو ذميوار هاڻي نه پنجاب آهي نه وفاق. پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ پاڻي جا جيڪي به شديد بحران آيا آهن انهن بحرانن جو عذاب وڌ کان وڌ سنڌ ئي ڀوڳيو آهي ڀلي پوءِ مرڪز ۾ ڪنهن جي به حڪومت هجي. آمريتن جو دور هجي يا جمهوريتن جو وزير اعظم پنجاب مان هجي يا بلوچستان مان يا سنڌ مان ليڪن کوٽ جو حصو ۽ عذاب سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پوندو ۽ پئي ٿو.

هن وقت جي اتحادي حڪومت ۾ پورا اتحادي پيٽرول جي اگھه تي ۽ ٻين مدن ۾ ڏنل سب سڊيز تي پريشان آهن ته اهي سب سڊيز جيڪڏهن ختم نه ڪيون ويون ته پاڪستان جي معيشت ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندي پاڪستان ڊيفالٽر ٿي ويندو. هو ان ۾ به پريشان آهن ته جي سب سڊي ختم ٿي ٿئي ته شديد مهانگائي پيدا ٿيندي ۽ ماضيءَ جي حڪمران عمران خان تي تنقيد جيڪا مهانگائي جي حوالي سان ٿيندي رهي اها ڪمزور ٿي ويندي ۽ ان مهانگائي کي به معاشي نقطه نگاھه کان هڪ جسٽيفيڪيشن ملي ويندي. اتحادين تي حڪومت ڪيرائڻ جا جيڪي الزام لڳل آهن انهن ۾ وڌيڪ جان ايندي ۽ مستقبل جي سياست وڌيڪ ڳري قيمت تي ڪرڻي پوندي جنهن مان سندن مقصد هي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۽ اقتدار هنن جي لاءِ ڏکيو ٿيندو. تنهن ڪري شهباز شريف لنڊن کان موٽي اتحادين کي ميڙ منٿ پيو ڪري ته گڏيل رستو ڪڍون پر مجال آهي جو پوري اتحادي حڪومت ٻڏندڙ ۽ سڪندڙ سنڌ جو نوٽيس وٺندي ڪو سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو هجي. اتحادي حڪومت جو طاقتور گرو سڏائيندڙ آصف علي زرداري پاڻي کوٽ بابت افسوسناڪ انداز سان بيان ڏيندي چئي ٿو ته “ پاڻي کوٽ سبب فصل سڪن پيا ان سڪندڙ فصلن ۾ منهنجون زمينون به شامل آهن پر ڪجھه عرصي کان پوءِ برفاني گليشئر رجندا ۽ پوءِ پاڻي وافر مقدار ۾ ايندو.”

سنڌ حڪومت هاڻي جيڪا تنقيد پنجاب جي زورآواري، پاڻي چوري ۽ ڏاڍ مڙسيءَ تي بيان بازي ڏئي پئي اها ساڳئي سنڌ حڪومت جيڪڏهن اهڙي کوٽ پي ٽي آئي حڪومت جي دور ۾ ڏسي ها ته پاڻي کوٽ خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪري ها پر هاڻي نالي ماتر تنقيد ڪري اهو عمل پئي ڪري جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن “آڱر ڪپائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ”.  سنڌ جي بدترين صورتحال کان ڪهڙي سياسي پارٽي واقف ناهي  حڪومت ۾ شامل سڀني اتحادي ۽  مخالف ڌر جي جماعتن سميت ڪا به هڪ به اهڙي جماعت  ناهي جيڪا اهو چئي ته هن کي پاڻي صورتحال يا سنڌ سان ٿيندڙ زورآواري، ڏاڍمڙسي ۽ زيادتي جي خبر ناهي. سڀني سياسي جماعتن کي خبر آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي معيشت جو 80 سيڪڙو دارومدار زراعت تي آهي، سنڌ جو 70 کان 80 سيڪڙو جر کارو آهي يعني معيشت جي بربادي سان گڏوگڏ پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي پر سڀ جو سڀ پنهنجي سياسي مفادن ۾ گڏ هجڻ  ڪري پنجاب کي ناراض ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ان تي ڪو تنقيد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ان بنيادن تي ڪئي هئي ته پاڻي چوري ٿيندو ۽ سنڌ سوڪهڙي جو شڪار ٿيندي پر ڊيم ٺهڻ کان سواءِ جڏهن شديد بحران اچي پاڻي چوري ٿـئي ته پوِءِ انهيءَ تي آواز ڪير اٿاريندو ۽ ڪنهن جي جوابداري آهي؟

سنڌ ۾ گيس ۽ تيل پيدا ٿيڻ جي باوجود انهيءَ جو استحصال ٿئي ٿو سنڌ جي نوڪرين تي بري طرح سان ڌارين ۽ ٻاهرين ماڻهن جي يلغار آهي. سنڌ جي وسيلن جي استحصال ٿيڻ سان گڏوگڏ اين ايف سي ايوارڊ ۾ جيڪا ڏاڍائي ٿئي پئي انهيءَ جو باربار ورجاءُ ڪندي  ايئن پيو لڳي ڄڻ هاڻي استحصال جو ذڪر ئي بي اثر ٿي ويو آهي پر جڏهن زندگي جي جياپي جو وڏو سهارو پاڻي روڪيو وڃي زمين غيرآباد ٿئي، ڊيلٽا برباد ٿي وڃي ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ۽ لڏ پلاڻ جو شڪار ٿين ته ان صورتحال کي ڪيئن برداشت ڪري سگھجي ٿو ۽ مٿان وري سياسي پارٽيون پنهنجي اقتداري ونڊ ورڇ ۾ بي ڌياني جو مظاهرو ڪندي سنڌ جو درد ذري برابر محسوس نه ڪن ته پوءِ لازمي طور تي سنڌي عوام جي ذهن ۾ اهوئي سوال پيدا ٿيندو ته اسان ڪهڙي ملڪ ۾ رهون ٿا. ڇا هن رياست ۾ ڪو حصو پتي آهي ڇا اسان لاءِ ڪو انصاف گھرڻ جو ڪو به رستو آهي ته پوءِ لازمي انهن کي اهوئي ذهن ۾ ايندو ته نيٺ ڇا ڪجي؟ پاڪستان جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته بنگال قومي جبر جو شڪار ٿيو هو ان جي وسيلن ۽ نوڪرين جي بنيادن تي ناانصافيون ٿيون پر قدرتي طور بنگال پري هجڻ جي ڪري نه پاڻيءَ جو عذاب برداشت ڪيو ۽ نه اهڙي ڀيل ٿي جيڪا هتي سنڌ سان ٿئي پئي.  ليڪن هتي صورتحال بلڪل مختلف آهي هڪ چونڊيل پارٽي يعني پ پ پ ۽ ٻيون پارٽيون جيڪي ايوانن ۾ موجود آهن سڀ جو سڀ سنڌ جي عذابن تي خاموش ۽ دانهن تي ڪن لاٽار ڪري ويٺيون آهن.

اڄ پاڻ هي سوال لازمي آڏو رکون پيا ته جيڪڏهن سنڌ جي سياست بري طرح سان اقتداري ڪمپرومائيز ۽ ڪرپشن جو شڪار نه هجي ها ته سنڌ جي اها صورتحال ڪڏهن به پيدا نه ٿئي ها. پر اسان کي هي ڪڏهن نه وسارڻ گھرجي ته جڏهن وڏيون سياسي پارٽيون قومي ۽ عوامي مفادن کي نظر انداز ڪري اقتدار جي ٻيڙي ۾ مزا ماڻينديون آهي تڏهن بدترين ڀوڳنائن کي ڀوڳيندي ننڍا ننڍا گروپ  اڳتي قدم وڌائيندا آهن جيڪي پر امن مطالبن کان وڌي پر تشدد رستن ڏي وڌي ويندا آهن ۽ جڏهن تشدد جو رستو حقن جي حاصلات لاءِ اختيار ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ جا نتيجا رياست کي خطرناڪ صورت ۾ ڀوڳڻا پوندا آهن. اهو عمل پوري انساني تاريخ ۾ ٿيو آهي ۽ هتي به ٿيندو رهي ٿو، سياسي جماعتن جو اهو اخلاقي ، سياسي ۽ جمهوري فرض آهي ته هو قومن جي حقن ۽ خاص ڪري جياپي جي وسيلن تي پنهنجو رويو درست ڪن، سنڌ گھڻو ڪجھه جبر برداشت ڪيو آهي ۽ شايد ڪري به پر جياپي جي واحد وسيلي پاڻي تي جيڪڏهن صبر ڪيو ته لازمي مٽجي ويندي.  جڏهن اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته لازمي ٽالسٽاءِ جو پيڙا ڀريل سوال باربار جنم وٺندو ته نيٺ ڇا ڪجي ۽ جڏهن انهيءَ جواب “ ڇا ڪرڻ گھرجي ” ايندو ۽ اهو پر امن جمهوري هوندو ته نتيجا ملندا، جيڪڏهن اهو پر تشدد هوندو ته بربادي اسان سڀني جو مقدر ٿيندي ۽ ان جي سڀ کان وڏي قيمت ڀوڳڻي پوندي.