سنڌ جو پاڻي کڻڻ کان پنجاب کي ڪير روڪيندو ؟

0
141
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان وٽ اهو رواج ٿي ويو آهي ته ڪنهن به ضابطي،قانون  کي ناهي مڃڻو ۽ اهو رواج اهي ئي قائم ڪري رهيا آهن جن وٽ طاقت اختيار يا اقتدار هوندو آهي ڇاڪاڻ ته قانون اهو ئي لتاڙي سگهي ٿو  جنهن وٽ طاقت هوندي آهي،ڪمزور ته رڳو پنهنجي حقن جي ضمانت ملڻ لاءِ ئي سڄي عمر دانهيندو وتندو آهي.اهو رواج فردي هجي يا ادارتي يا وري صوبائي سطح تي ،هر هنڌ ان تي عمل ٿيندي نظر آيو آهي.جنهن ڪري  سنڌ سدائين  پنهنجي حقن تي مار کائيندي رهي آهي.هڪ ته سنڌ کي پنهنجي وسيلن تي اهو اختيار ناهي جيڪو ان جو حق آهي،وفاقي نوڪرين يا وري پراجيڪٽس ۾ ان کي ان جو حصو نه ملندو آهي جيڪو ڪوٽا مطابق ٺهي ٿو.سنڌ جيئن ته زرعي صوبو آهي ان جي گذر سفر جو وڏي ۾ وڏي وسيلو به زراعت آهي پر سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي ان کي ان زراعت کان به محروم ڪيو ويندو آهي،پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ اڪثر ڪري سوڪهڙي جو شڪار رهندي آهي ۽ هر سيزن ۾ آبادگار رڳو پاڻي لاءِ احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن.هن وقت به سنڌ سان ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي توڙي جو  برساتي ٻوڏ سبب اڌ کان وڌيڪ سنڌ ٻڏل آهي پر پوءِ به آبادي لائق زمينن کي هن وقت به زرعي پاڻي ميسر ناهي جنهن ڪري هڪ پاسي سنڌ ٻڏل آهي ته ٻئي پاسي سنڌ سڪي رهي آهي.

مهينو کن اڳ پنجاب تونساپنجند۽ چشما جهلم لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌو مان تقريبن ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي کنيو هو جنهن تي سنڌ سخت اعتراض واريا هئا ۽ ارسا به پنجاب کي پاڻي کڻڻ کان روڪيو هو پر پنجاب انهن اعتراضن ۽ روڪڻ جي پرواهه نه ڪندي پاڻي کڻندو رهيو ۽ پنهنجي پورت کانپوءِ اها پاڻي کڻت بند ڪئي، جڏهن ته ان وقت به سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ذري گهٽ 20 سيڪڙو هئي. اهي ٻئي ڪينال فلڊ ڪينال آهن جيڪي صرف ٻوڏ جي وقت ۾ وهائي سگهجن ٿا پر پنجاب ڪنهن کان پڇڻ بنا اهي ڪينال سدائين ٻارهوئي وهائيندو رهي ٿو جنهن ڪري سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ فصل متاثر ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ڪينالن ذريعي پاڻي کڻڻ سان سنڌ کي پنهنجو پورو حصو نه ٿو ملي.هاڻي به وري اها خبر آهي ته  پنجاب جي آبپاشي کاتي 10 ڏينهن بعد هڪ ڀيرو وري ٽي پي لنڪ مان پاڻي کڻت شروع ڪري ڇڏي  آهي. پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيل ربيع سيزن جي پهرين 27 ڏينهن دوران مسلسل ٽي پي لنڪ مان پاڻي کڻڻ بعد سنڌ جي شديد اعتراضن بعد پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان 28 آڪٽوبر تي پاڻي کڻت بند ڪئي هئي،  صرف 10 ڏينهن جي وقفي بعد پنجاب جي آبپاشي کاتي هڪ ڀيرو وري ٽي پي لنڪ ڪينال کولي ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ 3 هزار 336 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڏنو آھي جڏهن ته سي جي لنڪ ڪينال کي بند رکيو ويو آھي، سي جي لنڪ ڪينال کي سنڌ جي مسلسل احتجاج بعدهن سيزن جي پهرين 16 ڏينهن تائين وهائڻ بعد 17 آڪٽوبر تي بند ڪيو ويو هو، پر  ڪالھه کان پنجاب اهو چئي ٽي پي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت شروع ڪئي آھي ته پنجاب پنهنجي حصي مان پاڻي کڻي رهيو آھي جڏهن اهي ڪينال آهن ئي ٻوڏ وارا ڪينال ته پنجاب ڪيئن انهن ذريعي پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ ۾ ٻوڏ ئي ناهي.

اسان سمجهون ٿا ته ٽي پي ڪينال مان پنجاب جو پاڻي کڻڻ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو آهي  جيڪو ڪنهن به ريت برداشت نه ڪرڻ گهرجي.سنڌ حڪومت ،آبپاشي کاتو ۽ ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر انهي ڳالهه جا ذميوار اهن ته اهي اها پاڻي چوري روڪرائين، ڇاڪاڻ ته انهي چوري سان سنڌ زرعي طور تباهه ٿي ويندي جيڪا اڳ ئي برساتي ٻوڏ سبب هڪڙي تباهي مان گذري رهي آهي.تنهن ڪري ارسا ۽ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت تي زور ڏين ته اها پنجاب کي انهي  پاڻي جي چوري کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي، آخر  پنجاب کي انهي پاڻي چوري کان روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي جو نه هو سنڌ جي ٿو ٻڌي نه ئي ارسا جي ٿو مڃي.