ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس بجيٽ تي بحث بجاءِ حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن  وچ  ۾ الزام بازي جي ور چڙهيل رهيو، پ پ ميمبرن مهانگائي سميت سمورن مسئلن  جو ذميوار اڳوڻي عمران سرڪار کي قرار ڏنو، جڏهن ته مخالف ڌر پ پ مٿان الزام هنيو ته هنن 14 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جا بنيادي مسئلا به حل ناهن ڪيا، ڪالهه بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پ پ جي راڻا همير سنگهه چيو ته ٿر ۾ ننڍا ننڍا ڊيم موجود آهن، 84 ڊيم نئين سر تعمير ڪرايا وڃن ته پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو، هن چيو ته جيڪو اسان ٿر واسين تي احسان ڪري ٿو، ٿرواسين جا ٽي نسل انهن جا گيت ڳائيندا آهن،  ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما چيو ته ننڍن شهرن ۾ رهندڙ عورتن کي ملازمتون نٿيون ملن، انهي ڪري کين وڏن شهرن ۾ اچڻو پوي ٿو، وڏن شهرن ۾ وري ورڪنگ وومين  هاسٽلون ناهن، سرڪار کي انهي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته دعا زهره ۽ نمرہ ڪاظمي جي ميڊيڪل رپورٽن ۾ سندن عمر وڌائي شادي ڪرائي وئي، هتي ميڊيڪل رپورٽ ڪيئن ٺهي ٿي؟ انهي جي  سڀني کي خبر آهي. رڳو ميڊيڪل رپورٽن تي ئي هلڻو آهي ته پوءِ نادرا ۽ بين ادارن کي  بند ڪري ڇڏيو،.  پ پ جي ڪلثوم چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت جو هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا ڪيمپس ٺاهڻ جو فيصلو تاريخي آهي. هن پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته گوگي بچايو مارچ اڌ ۾ ڇو ڇڏيو ويو؟ جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته  گذريل سال سرڪاري بينچن کان دانهون ٿينديون رهيون ته وفاق کان پئسا نٿا ملن، جڏهن ته سنڌ سرڪار پاڻ 150 ارب وصولين جو ٽارگيٽ ٻڌائي 5 ارب گهٽ وصول ڪيا، سنڌ ۾ ڪامورا سفارش تي مقرر ڪيا ويا، سنڌ ۾ چاچا، ماما، انهن جا مائٽ مقرر ڪيا ٿا وڃن، جڏهن ته  پنجاب ۾ پروفيشنل عملدار مقرر ڪيا ٿا وڃن، هن چيو ته سنڌ  ۾ مهانگائي عروج تي آهي، جلد  اٽو 100 رپين تي پهچي ويندو، جڏهن به اوهان اچو ٿا، عوام سورن ۾ ٿو اچي ،عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ سنڌ ۾ ماسترن جون نوڪريون پڻ سفارشين کي ڏنيون ويون، اهي ڪهڙي تعليم  ڏيندا؟ هن چيو ته  سنڌ ۾ اسڪولن جي حالت خراب آهي، تعليمي ادارن ۾ واش روم ئي ناهن، تعليمي سيڪٽر جي فنڊ ڦٻايا پياوڃن، هن چيو ته سنڌ پاڻي جي کوٽ آهي، پاڻي گهرندڙ ماڻهن تي لاٺي چارج ڪئي وڃي ٿي،رائيس ڪئنال سڪل آهي، پيپلزپارٽي وارا پهريائين شهيد ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي کي پاڻي پهچائين. هن چيو ته بااثر ماڻهن جي زمينن تي پاڻي پهچي پيو ، نوشهرو فيروز ۽ دادو ڪينال سڪل آهن،   هن چيو ته سنڌ سرڪار جي هوائي جهاز کي ڊائيوو ڪوچ  بڻايو ويو آهي اهو جهاز ڪراچي _لاڙڪاڻو ۽ لاڙڪاڻو _ڪراچي وچ ۾ اڏامي ٿو، انهي جي تيل تي  ساليانو 50 ڪروڙ خرچ ٿئي ٿو، هن چيو ته  ذوالفقار علي ڀٽو زنده هجي ها ته اڄ اها حالت نه هجي ها. پ پ جي قاسم سراج سومرو چيو ته  هن وقت ماحولياتي تبديلي ۽ پاڻي کوٽ سبب ڪيترا مسئلا آهن، سنڌ کي هڪ ته پاڻي حصي کان گهٽ پيو ملي، مٿان وري انهي جو معيار  بهتر ناهي، پنجاب جي صنعتن جو  پاڻي بنا ٽريٽمنٽ جي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي ٿو، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته پگهارن ۾ واڌ وڏو فيصلو آهي،  مشڪل حالتن ۾ ڪو نئون ٽيڪس نه لڳائڻ رليف کان گهٽ ناهي. پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي چيو سنڌ ۾ منارٽي ڪميشن ڇو ناهي ٺهي؟ ساڌ ٻيلو  تيرٿ جو ڪم اڌ ۾ رهيل آهي، پ پ جي مير طارق ٽالپر چيو ته  ميرپورخاص ۾ زراعت کانسواءِ آمدني جو ڪو ذريعو ناهي ، اسان جي اسڪول ۽ سرڪاري اسپتال جي عمارت 1960ع ۾ ٺهيل آهي، نيون عمارتون ڏنيون وڃن جي ڊي اي جي شهريار مهر چيو ته هيل بجيٽ جا شاندار ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن ، اڳ بجيٽ کان اڳ تجويزون ورتيون وينديون هيون، ٻه سالن کان تجويزون ورتيون نٿيون  وڃن، شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جو 3 سالن کان رڳو بورڊ لڳايو ويو آهي. پ پ جي شازيه ڪريم سنگهار چيو ته لياري، ماڙيپور ۽ ڪياماڙي ۾ پيپلز بس جا روٽ مقرر ڪيا وڃن