اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن آصف زرداري، رانا ثناءُ الله، عطاءَ تارڙ جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي ايم پي ايز کي 50 ڪروڙن ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، هڪ ايم پي اي مسعود مجيد 40 ڪروڙ کڻي ترڪي ويو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ اسيمبلي ميمبرن کي خريدڻ لاءِ 50 ڪروڙن تائين آڇ ڪئي پئي وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اڄ لاهور ۾ سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جهڙا منظر ٻيهر نظر اچي رهيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ايم پي ايز کي خريدڻ لاءِ 50 ڪروڙ تائين آڇ ڪئي پئي وڃي، ان راند پويان مرڪزي ڪردار آصف زرداري آهي، جنهن ڪرپشن تي اين آر او ورتو، هو لٽيل ناڻي سان ماڻهن کي خريدي رهيو آهي

عمران خان چيو ته آصف زرداري کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي، هي نه رڳو اسان جي جمهوريت پر سماجي اخلاق تي به حملو آهي. عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ پارٽيون تبديل ڪندڙن تي تاحيات پابندي لڳائي ها ته روڪٿام ٿئي ها، آمريڪي سازش سان ايندڙ امپورٽڊ حڪومت جي سرپرستن کي قوم جي هن سنگين نقصان جو ڪجهه به احساس ناهي؟ عمران خان چيو ته سنڌ جي چوري ڪيل پئسي سان وفاقي حڪومت ڪيرائڻ ۽ اين آر او ٽو وٺڻ بعد مڃيل ڏوهاري آصف زرداري نواز شريف سان گڏجي ايم پي ايز خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پنجاب جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ نڪتو آهي، سپريم ڪورٽ کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا اها هن تباهي کان آگاهه آهي، ڇا جمهوريت، آئين ۽ قوم جي اخلاقيات جي تباهي جو اهو سلسلو پاڻمرادو ڪارروائي لاءِ موزون ناهي؟ ڇا اسان جي نيوٽرلز کي احساس نه ٿي رهيو آهي ته تبديلي سرڪار جي آمريڪي سازش ذريعي آندل امپورٽڊ حڪومت پاران اسان جو پيارو وطن ڪيئن هر محاذ تي تباهي جي ور چاڙهيو پيو وڃي؟ هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ئي پارٽي جي پنجاب اسيمبلي ميمبر مسعود مجيد تي 40 ڪروڙ رُپيا وٺي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو الزام لڳايو آهي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ ۽ سندس 12 اتحادين کي شڪست ٿي، پنجاب جي عوام فيصلو ڪيو آهي ته تخت لاهور تي تحريڪ انصاف جو حق آهي، ڪور ڪاميٽي پنجاب جي وڏي وزير لاءِ پرويز الاهي کي نامزد ڪيو آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ شيطاني راند شروع ٿي ڪئي وئي آهي، ملڪ جو گهرو وزير چئي رهيو آهي ته 5، 6 ميمبر هيڏانهن هوڏانهن ٿي سگهن ٿا، پنڊي واري سيٽ تي ٻيهر ڳڻپ جو آرڊر ڏنو ويو آهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته اسان جو رحيم يار خان مان ميمبر مسعود مجيد مبينا طور تي 40 ڪروڙ رپيا وٺي ترڪي پهچي چڪو آهي، غضنفر علي، سردار شهاب الدين ۽ عامر پنهنجو حلفي بيان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته عطاءَ تارڙ انهن سان ڳالهايون ڪيون ته جيڪڏهن اسان جي ڪم اچو ته اسان به اوهان جي ڪم اچي سگهون ٿا، في ايم پي اي 25 کان 30 ڪروڙ رپيا ڏئي سگهون ٿا ڇو ته زرداري جو ايترو ئي پئسو اسان کي مليل آهي

سپريم ڪورٽ تفصيلي جاچ ڪري ان کانپوءِ آصف زرداري، رانا ثناءُالله ۽ عطا تارڙ کي گرفتار ڪري جيل ۾ موڪليو وڃي. فواد چوڌري چيو ته مخالف ڪنهن کي دبئي ته ڪنهن کي ترڪي ۾ هوٽل بڪ ڪرائي پيا ڏين، 40 ڪروڙن تائين آڇ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اهڙي نموني ميمبرن کي خريديو ويو ته پاڪستان ۾ جهموريت جو ڪو مستقبل ناهي. هن چيو ته آصف زرداري ماڻهو خريد ڪرڻ جو ڪاروبار جاري رکيو آهي، سنڌ ۾ نالا کولڻ لاءِ پئسا ناهن هتي 30 کان 40 ڪروڙ رپيا ڏنا پيا وڃن، اهو سنڌ جو پئسو آهي، سنڌ هائوس ۽ سينيٽ چونڊن جو نوٽيس ورتو وڃي ها ته اڄ هي هنڊي نه لڳي ها، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائينداسين، اسان جو مطالبو آهي ته سپريم ڪورٽ فوري جاچ ڪرائي ۽ آصف زرداري، رانا ثناءُالله ۽ عطاءَ تارڙ کي گرفتار ڪيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته نواز ليگ وٽ 176 ميمبر آهن اسان وٽ نمبر پورا آهن 188 ميمبر آهن پي پي 7 ۽ مظفرڳڙهه ۾ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني آهي، ٻيهر ڳڻپ ۾ اسان جو انگ 190 ٿي سگهي ٿو.s

 تحريڪ انصاف جي ٽن ايم پي ايز عطا تارڙ تي فون ڪال ڪري پيسا آڇڻ جو الزام لڳايو آهي، اسيمبلي  ميمبرن بيان حلفي پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي بکر کان ايم پي اي عنايت الله، ليه مان پي ٽي آءِ ايم پي اي شهاب الدين ۽ بکر مان ايم پي اي غضنفر عباس پارٽي قيادت وٽ حلفي بيان جمع ڪرايو

ميمبرن حلفي بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته پنجاب جي گهرو وزير عطا تارڙ 25 ڪروڙ رپين عيوض ووٽ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پاڻ سان گڏ 10 وڌيڪ ايم پي اي خريدڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي به آفر ڪئي، عطا تارڙ سان ليگي ايم پي اي راحيلا خادم حسين فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي، جڏهن ته تحريڪ انصاف قيادت پارٽي ميمبرن جو حلفي بيان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن فواد چوڌري چيو ته ڄاڻايل ٽنهي ميمبرن پنهنجي حلفي بيان سپريم ڪورٽ ۾ به جمع ڪرايو آهي.