جهڏو (ن پ ا) عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جو اجلاس امير بخش جروار جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار خصوصي طور شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ غير ملڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌ ۾ آباد غير ملڪين کي ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌ جو شهري ڳڻي کين سنڌين مٿان مسلط ڪرڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي، هن چيو ته فرمائشي آدمشماري منعقد ڪرائي پ پ سنڌ دشمني ڪئي آهي، مراد علي شاهه سميت پ پ جي سمورن اڳواڻن جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، پ پ ڊجيٽل آدمشماري خلاف جلسن ۽ ميڊيا آڏو ته بيان بازي ڪري پئي پر فيصلا ساز ادارن مان آدمشماري سندس ئي سرڪار جي مرضي سان منظور ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام سازشي آدمشماري کي رد ڪري چڪو آهي.