سنڌ جو شعور ۽ انقلاب لاءِ جوت جلائڻ جي اميد

0
476
امير ملڪن جا غريب ماڻهو

 سنڌ حڪومت سنڌ کي ٻوڙڻ بعد اربين رپين جي امداد جي ورهاست ۽ لکين مهارن توڙي خيمن جي ورڇ جا ڪوڙا سچا انگ اکر ته هر روز هر هنڌ ٻڌائي رهي آهي پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار سنڌ جي معاشي تباهي ۽ انساني جانين جي نقصانن جا ڪي به انگ ڪٿي پيش ڪونھ ڪيا آهن. خبر ناهي ته انهن انگن اکرن جي گڏ ڪرڻ ۽ انهي بعد ان جو ڪو تدارڪ ڪرڻ لاءِ به ڪا رٿابندي ڪئي وئي آهي يا نه. سرڪاري مشينري جي حال ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار جي اهليت جو اندازو ته مينهن جي پاڻي کي قدرت جي رحمت مان زحمت ۾ تبديل ڪرڻ مان ٿي ويو پر اڳتي جيڪا سنڌ جي تباهي ٿيڻي آهي انهي لاءِ به لڳي ڪونھ ٿو ته ڪا هنن وٽ اهليت هجي جو سنڌ جي تباھه ٿيل معيشت ۽ ويران ٿيل شهرن کي وري بحال ڪري سگهي.

                 افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان،چين، هندستان، ميامار، نيپال، ناروي، پاڪستان، سوئيڊن ۽ سئٽزرلينڊ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اداري ”انٽرنيشنل سينٽر فار انٽيگريٽيڊ مائونٽين ڊيولپمينٽ “ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل، ناسا ۽ يو ايس ايڊ جي سهڪار ۽ فني مهارت سان جديد دور جي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر جي وسيلي تازو سنڌ ۾ هٿرادو ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جا انگ اکر جاري ڪيا آهن جن جي پڙهڻ سان لڳي ٿو ته سنڌ هڪ صدي پٺتي هلي وئي آهي. هن رپورٽ جي مطابق سنڌ جا هڪ ڪروڙ ۴۵ لک ماڻهو برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. ڪشمور کان ڪراچي تائين ۶۹ لک ايڪڙ زرعي زمين سنڌ جي تباھه ٿي آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ضلعا ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو آهن جتي جي ۵۰ کان ستر سيڪڙو زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي چڪي آهي. انهي کان پوءِ جن ضلعن جي زرعي زمين متاثر ٿي آهي انهي ۾ دادو، بدين، ٺٽو، مٺي۽ سجاول شامل آهن. هن وقت جيڪا زرعي زمين سموري سنڌ ۾ متاثر ٿي آهي انهي جي ڪري هن سال سنڌ ۾ ۱۹ لک ٽن ساريون، ۳۱ لک ڳٺڙيون ڪپهھ ۽ هڪ ڪروڙ ۵ لک ٽن ڪمند جي پيداوار گهٽ لهندي. انهن فصلن جي گهٽ پئداوار جي ڪري  ۳۱۴ ارب رپين جو نقصان ٿيندو. جڏهن ته بصر، ٽماٽر ۽ مرچن جي فصلن جي نقصان سبب ۹۰ ارب۵۰ ڪروڙن جي ماليت جو نقصان ٿيندو. چوپائي مال جي مرڻ سبب ۳ارب ۱۵ ڪروڙن جو مالي نقصان ٿيندو. رپورٽ جي مطابق مجموعي طور جيڪو مالي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي اهو لڳ ڀڳ۴ سو کا ساڍا ۴ سئو ارب رپين جو آهي.

سنڌ جنهن جي ۷۲ سيڪڙو آبادي جو دارو مدار زراعت تي آهي انهي جو پهرين حال اهو آهي جو ۴۲ سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذر ڪري رهيا هئا. هاڻي انهي سنڌ سرڪار جي نااهلي ۽ دانستا برساتي پاڻي کي ٻوڏ ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل جي سبب سنڌ جي ۵۰ سيڪڙو کان مٿي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هلي ويندي. مطلب سنڌ جو ۵۰ کان ۶۰ سيڪڙو ماڻهو روزانو هڪ آمريڪي ڊالر ڪمائڻ جي قابل به نه هوندو. پيپلز پارٽي سنڌ جي اندر پنهنجي موجوده ۱۵ سالن جي حڪمراني ۾ غربت جي خاتمي ۽ انساني زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا به رٿا بندي ته ڪونھ ڪري سگهي، پر ۲۰۱۰ع واري درياهي ٻوڏ کان وٺي هن سال جي برساتي پاڻي جي هٿرادو ٻوڏ سان سنڌ جي مجموعي پيداوار جي وسيلن کي به نقصان رسائيندي رهي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪنهن هڪڙي ضلعي ۾ به ڪو اهڙو صنعتي زون قائم نه ڪري سگهي جنهن سان مقامي ماڻهن جي لاءِ ڪو روزگار جو وسيلو پيدا ٿئي پر هنن لکين ماڻهن عورتن توڙي مردن کي پنڻ جي هير وجهڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جي پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي.

دنيا جي اندر انساني ترقي لاءِ زراعت کي جديد بنائڻ ۽ هر علائقي ۾ صنعتي ڄار وڇائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جي فني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ رٿا بندي ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ سرڪار ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ پنڻ تي هيرائڻ ۽ انهن کان تعليم صحت زراعت به کسي تباهھ ڪرڻ جون رٿائون جوڙيندي رهي آهي. بنگلاديش جي اندر روزانو لکين عورتون ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وڃن ٿيون پر اسان وٽ روزانو لکين عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جي پئسن جي حاصلات لاءِ سمورو ڏينهن لائين لڳيون رهن ٿيون. سنڌ جي جنهن به شعبي تي نظر وجهنداسين ته اهو اڳي کان پٺتي هوندو. تعليم هجي توڙي صنعت زراعت هجي توڙي فني مهارت سنڌ جو عوام پوئتي ئي پوندو وڃي ٿو. انهي سموري پستي جي ذميوار يقينن سنڌ سرڪار آهي جنهن کي تمام ڊگهي مدي کان سنڌ جي توڙي وفاقي حڪومت ۽ صدارت به ملي پر انهن ڪا به اهڙي رٿا نه جوڙي جنهن سان سنڌ جو ۽ سنڌ جي عوام جو مستقبل ترقي يافتا ملڪن ته ٺهيو پر رڳو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جهڙو ٿي سگهي.

ماضي کي ته مٽي وجهو، پر هن وقت جيڪا تباهي ٿي آهي انهي بعد سنڌ جي زراعت جي تباهي ۽ شهرن جي تباهھ ٿيڻ، ماڻهن جي گهرن ۽ مال متاع جي نقصان سبب جيڪا غربت وڌندي سنڌ سرڪار وٽ انهي جي بحالي لاءِ ڪهڙي رٿا بندي آهي؟. هي جيڪي مٿي عالمي ادارن جي طرفان معاشي تباهي جا انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن انهن جو اثر سڌي ريت سموري سنڌ جي هر فرد تي ٿيندو. انهي سبب جيڪا صورتحال پئدا ٿيندي سنڌ سرڪار انهي جي لاءِ ڪهڙي رٿا بندي ڪئي آهي؟. وزيراعليٰ سنڌ جيڪو هارين کي ڪڻڪ جو، ٻج، ڀاڻ ۽ ڊيزل جي ڏيڻ جو سچو ڪي ڪوڙو  اعلان ڪيو آهي انهي سان ڇا سنڌ جي سموري معيشت جيڪا انهي هٿرادو ٻوڏ سبب تباهھ ٿي آهي سا بهتر ٿي سگهندي؟ سنڌ سرڪار جهڙي طرح ريسڪيو ۽ رليف جي عمل ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نه ثابت ڪري سگهي آهي انهي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ري هيبيليٽيشن يعني بحالي جي عمل ۾ به انهن جي اهليت، نيت ۽ عمل اهڙو ئي رهندو جهڙو برساتن کان پهرين ڪا به رٿا بندي نه ڪري سگهڻ، پاڻي جي وهڪرن کي ڪٽ ڏيڻ کان پهرين پاڻي جي رستي ۾ ايندڙ شهرن توڙي ڳوٺن جي ماڻهن کي ريسڪيو نه ڪري سگهڻ ۽ امدادي سامان جي ورهاست ۾ پهنجا نوازي، ذخيرااندوزي ۽ مارڪيٽ ۾ وڪري ڪرڻ وارو عمل.

هن وقت سنڌ کي هڪ بهترين قيادت، ايماندار ۽ باعمل سرڪاري مشينري ۽ بي لوث سماجي ورڪرن جي ضرورت آهي جيڪي نئين سنڌ جي بهتر طريقي سان ڪا اڏاوت ڪري سگهن. هاڻي به جيڪڏهن انهي ساڳي پيپلز پارٽي ۽ انهي جي قيادت مان ڪير ڪا اميد رکي ويٺو آهي ته اهو ٻٻرن کان ٻير گهرڻ واري محاوري جي مثل آهي. هن وقت سنڌ جي شعور ساڃاهھ ۽ نوجوانن کي اڳتي اچي سنڌ جي اندر هڪ اهڙي ڪا جوت جلائڻ گهرجي جنهن سان ڪو انقلاب برپا ٿي سگهي. اهڙو انقلاب جنهن ۾ سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي سماج جي ترقي جو عنصر شامل هجي. سنڌ ۾ هن وقت انهي لاءِ ميدان گرم ٿي سگهي ٿو، پر مسئلو اهو آهي ته اڪثريت اهل علم ۽ دانش جي دعويدار داروغن جو ڦري گهري ڪانٽو وڃي ساڳئي هنڌ اٽڪي پوندو آهي جتي سندن ذاتي مفاد جو پورائو ٿو ٿئي. اڄ به جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجي ذاتي مفادن کي دفن ڪري قومي ۽ اجتماعي مفادن جي نظر سان عمل ڪرڻ شروع ڪيو سين ته ڪجهھ به ناممڪن ڪونهي. فرعون فنا ٿي سگهي ٿو هي ته انهي جي اڳيان ڪجھھ بھ ناھن، ھنن کي عوام جي آهن ۽ دانهن جو سمنڊ ئي لوڙهي سگهي ٿو.