سنڌ جو سُريلو ۽ نوجوان راڳي طارق چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

0
324
سنڌ جو سُريلو ۽ نوجوان

ميھڙ (رپورٽر) سنڌ جو سُريلو ۽ نوجوان راڳي طارق چانڊيو جگر جي بيماري سبب ميهڙ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي

طارق چانڊيو گذريل ڪيتري عرصي کان بستري ڀيڙو هو ۽ 35 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو

وارثن موجب طارق چانڊيو ٻوڏ دوران بيروزگاري سبب انتهائي پريشان هو، اوچتو بيمار ٿيڻ ڪري بستري ڀيڙو ٿيو، پر ثقافت کاتي سوڌو ڪنهن به سندس واهر نه ڪئي

طارق چانڊيو ڪيترن ئي ٽي وي چئنلز تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، سندس اوچتي وڇوڙي تي ميهڙ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي