عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري/اوي گوسوامي) مٺا مهراڻ ۾ ملبو جهڙو گيت سرجيندڙ سنڌ جو عاشق شاعر، ليکڪ، قومپرست، ڊراما نويس ۽ سماج سڌارڪ جمن سنڌ کان دربدر هميشه لاءِ وڇڙي ويو، خبر موجب سنڌ جو يگانو شاعر، ليکڪ، قومپرست، ڊراما نويس ۽ سماج سڌارڪ جمن دل جي دوري سبب 80 سالن جي ڄمار ۾ عمرڪوٽ لڳ پنهنجي ڳوٺ روحل واءِ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وڇوڙي جي خبر سان سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ اديب، ليکڪ، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن پھتا، مرحوم جي جنازي نماز عالم دين مولانا عبدالقادر جمالي پڙھائي، جڏھن ته سندس مڙهه کي آخري آرام گاهه ڏانھن نيئڻ وقت ماحول انتهائي سوڳوار ٿي ويو، سندس ڪيترائي عزيز، قومي ڪارڪن، اديب، شاعر ۽ ساٿي اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا، سندس مڙهه جيئي سنڌ جي جھنڊي ۾ ويڙھيو ويو هو، آخري سفر دوران سنڌ جي نامياري صوفي راڳي مانجھي فقير پنھنجي سنگ سميت شريڪ ٿي چپڙي ۽ يڪتاري سان جمن دربدر جو مشھور گيت وٺي ھر ھر جنم وربو ڳائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، جمن دربدر جو مڙهه ھزارين سوڳوارن جي موجودگي ۾ ڳوٺ روحل واءِ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخري آرام گاهه تي قومي ڪارڪنن کيس سلامي پڻ پيش ڪئي، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاهه، جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري، اديب تاج جويو، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، صوفي راڳي مانجهي فقير، شفيع فقير، سڪندر شفيع فقير، جي ايم ڀڳت، علي حسن چانڊيو، خليل ڪنڀر، دولت رام کتري، ڪامريڊ نندلال مالھي، فقير نور جادم مڱريو، سيد سرفراز شاهه، سيف الله، خالد سراج سومرو، دلاور ملڪاڻي، ناز سهتو، اڳوڻو ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، ارباب ڀيل، پروفيسر انعام ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جمن دربدر جي لاڏاڻي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ پاران عدالتي ڪاروائي معطل ڪئي وئي، مرحوم جمن دربدر 5 پٽ ۽ 5 نياڻيون سوڳوارن ۾ ڇڏيون آهن، سندس تڏو اباڻي ڳوٺ روحل واءِ ۾ وڇايو ويو آھي، جتي سندس پوئنيرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.