سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پوليس کان به اڳتي نڪري ويو

0
420

ڪراچي: سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پوليس کان به اڳتي نڪري ويو آھي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان  ۾ ڪرپشن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي

رپورٽ موجب ھلندڙ سال سنڌ جو  تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پهرين ۽ پوليس کاتو ٻئي نمبر تي رهيو

 پاڪستان ۾ مجموعي طور پوليس ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳتي رهي پر سنڌ ۾ پوليس ٻئي نمبر تي رھي

رپورٽ موجب ملڪ ۾ گڏيل طور تعليم کاتو چوٿين نمبر تي رھيو پر سنڌ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پھرين نمبر تي اچي ويو آھي

Education in Sindh

 رپورٽ موجب پنجاب ۾ پوليس ڪرپشن ۾ پھرين نمبر تي رهي، بلوچستان ۾ ٽينڊرنگ سيڪٽر ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل رهي

تعميراتي ڪم جي ٿيندڙ ٽينڊرز ۾ وڏي ڪرپشن ٿي، ڪرپشن جي ڏھاڙي تي پاڪستان ۾ تقريبون منعقد ٿي رھيون آھن

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪرپشن ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪري تباهي جو سبب بڻجي ٿي

وزيراعظم شھباز شريف موجب ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ ڪرپشن سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي

ڪرپشن جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سماجي قدرن جو زوال معاشري ۾ ڪرپشن جي شرح ۾ اضافو ڪري ٿو

وزيراعظم شھباز شريف موجب ڪرپشن سان ملڪي دولت شر پسندن جي هٿن ۾ وڃڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو