سنڌ جون زمينون، بحريا ٽائون ۽ پيپلزپارٽي جي خاموشي!

0
205
جهالت ۽ لاقانونيت جي ور چڙھيل سنڌڙي!! 

ھن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ مٿان جيڪي سورن جا سج اڀريا آھن اُھي به تاريخ جي ورقن ۾ واضح ۽ چٽا آھن. انهن 70/74 سالن ۾ جيڪي به حڪومتي دور آيا انهن ۾ ايترو ڏاڍ، جبر ۽ ظلم نظر نه آيو پوءِ کڻي اھو ضياءَ جو دور ڇو نه ھجي يا وري مشرف جو دور کڻي ڇو نه ھجي ايتري قدر جو مشرف ايڏو طاقتور ھوندي به ايئن نه ڪري سگهيو توڙي جو ھن سان ايم ڪيو ايم جهڙي دھشتگرد قوت گڏ ھئي پر ان ھوندي به ان طاقت جو غلط استعمال ايئن نه ڪيو جيئن گذريل 13/14 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌين سان ڪيو آھي. 
گھڻو وقت اڳ ۾ ابراهيم منشي لکيو ھو:
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ھا،
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
پئي واٽ ڏسيائون ويرين کي،
وانگيئڙين جي واڙي ۾!
بلڪل ابراھيم منشي جون اھي سٽون چٽي عڪاسي ڪري رھيون آهن ته ڌارين کي ڪنهن به شيءَ جي ڄاڻ نه ھئي انهن کي ڌڳ ۽ پيچرا پيپلزپارٽي جي قيادت ڏسي سنڌين جي ڳچين ۾ ھٿ وجهرائي سنڌ جا وسيلا، زمينون ڦرلُٽ ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪثر ناھي ڇڏي. بدقسمت سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو جن ڪڏھن اھو سوچيو ئي نه ھو ته ايئن به ٿيندو 27 ڊسمبر 2007ع تي سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کانپوءِ سنڌ جا ماڻهو جنهن پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي سال 2008ع کان اعليٰ ايوانن ۾ موڪلين ٿا ته اُھا سنڌ جي مالڪي، وارثي ۽ حفاظت ڪندي پر شايد سنڌ جي ماڻهن کي اھا سڌ نه ھئي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۽ ماڻهن جو اھڙو حشر ڪندي جيڪو گذريل سالن ۾ وقت جا آمر به نه ڪري سگهيا آھن. ھيء اُھا سنڌ آھي جتي ماکي، مکڻ، کير وڪڻڻ عيب سمجهيو ويندو ھو پر پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن سان اھڙو حشر ڪيو آھي جو خوشحال سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ڪري پريس ڪلبن آڏو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن،عربستان جي دور ۾ مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ جڏھن جنگ لڳندي ھئي ۽ جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ جيڪو فاتح ٿيندو ھو ته ھاريل جنگ جي ماڻهن جو مال فاتح پنهنجي قبضي ۾ ڪندو ھو جنهن کي مال غنيمت سڏيو ويندو هو، ايئن ئي پيپلزپارٽي سنڌ کي فاتح قلعو سمجهي مال غنيمت جو مال سمجهي ڌارين ماڻهن جي ھٿن سان لٽرائڻ ۽ ڦرائڻ ۾ ڪابه ڪثر ناھي ڇڏي. سنڌ تي انگريزن به قبضو ڪيو پر انهن به ايئن نه ڪيو جيئن پيپلزپارٽي سنڌين سان ڪيو آھي ھنن ڪڏھن ته رات جي پيٽ ۾ سنڌ کي اڌو اڌ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ته ڪڏھن تڪ جي سيٽ کٽڻ لاءِ ٻاھرين ملڪن کان ڌارين جون لوڌيون گهرائي جنهن ۾ بهاري، بنگالي، برمي، افغاني پٺاڻن جا شناختي ڪارڊ ٺهرايا ته ڪڏھن وري ھنن ڊيمن جي بجيٽ رکڻ جي رٿ ڏني ته ڪڏھن وري وفاق سان گڏ آدمشماري واري ڳڻپ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ٻٽ بيٺا رھيا آھن، مطلب ھي سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ اڃان تائين رُڌل نظر اچي رھيا آھن. سنڌ جي ترقي جي نالي ۾ ھي ڪافي نالا ڏئي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳ ڀريا نظر اچي رھيا آھن پوءِ اُھي نالا ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي يا وري ڄامشورو جي سپر ھاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان مختلف اسڪيمن جي نالن سان کڻي ڇونه ھجن سموريون سهولتون ڌارين ماڻهن لاءِ جوڙي صرف ۽ صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ڪري رھيا آھن.ياد اچي رھيو آھي ته سال 2010ع ۾ ھڪ وڏي ٻوڏ آئي ھئي ۽ ملڪ جي مختلف صوبن مان ايندڙ ماڻهن کي ڪراچي ۽ ان جي آس پاس آباد ڪيو ويو ھو پر جڏھن سنڌ جي ڪچي ۾ ٻوڏ آئي ۽ ڪچي جي ماڻهن پڪي طرف رُخ ڪيو ۽ ڪافي ماڻهن ڪراچي ۽ حيدرآباد طرف رُخ ڪيو ته ان وقت جي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ جيلاني ڌارين کي کاڌ خوراڪ سميت سموريون سهولتون ڏنيون ھيون پر ڌرتيء جي وارثن کي انهن شهرن مان سرڪاري مشينري جي زور تي پوئتي واپس ڪرائي ڪچي طرف ڌڪيو ويو ۽ جيڪي ٻين صوبن کان آيا اُھي ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذاريندي ھتي ئي آباد ٿي ويا. تازو گذريل ھفتي بحريا ٽائون جي ڏاڍ جنهن زوري زبردستي ڪوھستان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ملير ضلعي جي مختلف قديمي ڳوٺن جنهن ۾ ڪاٺوڙ، گڏاپ، جوکيا ۽ گبولن تي ڪاھه ڪئي وئي ۽ سنڌ جي قوم پرست جماعتن سميت سنڌ جي ماڻهن جي سخت ردعمل بحريا ٽائون انتظاميه جي اُن ڏاڍائي کي ٿورو روڪي ورتو.پر وري 7 مئي جي ڏينهن سوشل ميڊيا ذريعي اھو نظر آيو ته بحريا ٽائون انتظاميه ھڪ دفعو وري جوکين جي ڳوٺ تي ڌاڙيلن جيان ڪڙڪي پئي آھي جنهن ۾ پوليس ۽ بحريا ٽائون انتظاميه جي سيڪيورٽي انتظاميه جون گاڏيون شامل آھن. خالي ھٿين ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري سرڪاري مشينون واپس ڪرائڻ تي مجبور ڪيون ته انهن پنهنجي جديد ھٿيارن جا مُنهن کولي ڳوٺاڻن طرف ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا ۽ ڪجھه کي بحريا ٽائون انتظاميه پنهنجي گاڏين ۾ ساڻ ڪري کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اھو چيو پيو وڃي ته ڳوٺاڻن تي ڪي ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن “سنڌي ۾ ھڪ چوڻي مشهور آھي ته “ھڪ چوري ٻيو سينا زوري” زمين به مالڪن جي ۽ ڪيس به مالڪن تي.ھڪ طرف بحريا ٽائون جي کُليل ڏاڍ ۽ ٻئي طرف سنڌ سرڪار جي خاموشي رياست اندر ھڪ رياست ئي نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ جو سپريم ڪورٽ جو ڏنل فيصلو آھي ته بحريا ھاڻي ڪنهن به قسم جي انڪروچمينٽ نه ڪندو ۽ پنهنجي حد ۾ رھي ڪري ڪم ڪندو پر لڳي ٿو ھتي سپريم ڪورٽ جي حڪم يا فيصلي جي به ڪا اھميت ۽ حيثيت ناھي ان مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ھتي رياست جي اندر رياست آھي يا وري ملي ڀڳت آھي.  بحريا ٽائون انتظاميه جي ملير ضلعي جي ڳوٺن تي ڪاھون ڪري قبضا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي اُتي موجودہ سنڌ حڪومت سنڌ جي زمينن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون خلاف ڪو ايڪشن کڻڻ بدران سهولتڪار بڻجي پيپلزپارٽي حڪومت مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري چڪي آھي ۽ سنڌ کي ٻنهي ھٿن سان ڌارين جي حوالي ڪري رھي آھي. اي ڌرتي جا وارثو هي وقت اٿئو ننڍ مان سجاڳ ٿي بنا پارٽي فرق جي متحد ۽ منظم ٿي پنهنجي ڌرتي کي قبضي ٿيڻ کان بچايو، ملير ضلعي جي قديمي ڳوٺن جون زمينون اڄ بحريه ٽائون کي ڦٻي ويون ته پوءِ سواءِ ھٿ ھڻڻ جي ڪجھه به حاصل نه ٿيندو ۽ آھستي آھستي سموري سنڌ تي قبضو ڪيو ويندو ۽ پوءِ نارائڻ شام جا اُھي لفظ ڪٿي سچا نه ٿين ته.
الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي،
ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي !!