ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )سنڌ جا  1941 پي ايس ٽي، جي ايس ٽي، ليب اٽينڊنٽ ۽ لوئر اسٽاف عادي گوسڙو هجڻ جو انڪشاف، تعليم کاتي جي اختيارين جو عادي  گوسڙو استادن ۽ عملي جون پگهارون روڪرائڻ واسطي آءِ  ڊيز بلاڪ ڪرڻ لاءِ اڪائونٽ جنرل کي خط، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ تعليم کاتي جا 1941 پي ايس ٽيز، جي اِي ايس ٽيز، چوڪيدار، نائب قاصد ۽ ٻيو عملو عادي گوسڙو نڪتو آهي. تعلقي سطح تي مانيٽرنگ آفيسرن پاران ڪيل سروي بعد رپورٽ تعليم کاتي جي اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف ضلعن ۾ 1941 استاد ۽ ٻيو عملو پگھارون کڻڻ باوجود ڊيوٽين تان غيرحاضر رهي ٿو، اهڙي رپورٽ بعد  تعليم کاتي جي سيڪريٽري عادي گوسڙو قرار ڏنل 1941 استادن ۽ لوئر اسٽاف جون پگهارون بند ڪرڻ لاءِ اڪائونٽنٽ جنرل کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط موجب  شهيد بينظير آباد ۾ 91، سجاول ۾ 36، قمبر ۾ 465، ڄامشوري ۾ 50، دادو ۾ 102، جيڪب آباد ۾ 190، ڪراچي ۾ 144،  حيدرآباد ۾ 132، گهوٽڪي ۾ 23، سکر ۽ عمرڪوٽ ۾ هڪ، هڪ، بدين ۾ 11، خيرپور ۾ 13، ڪشمور ۾ 33 ۽ ٿرپارڪر ۾ 24 استاد ۽ لوئر اسٽاف گوسڙو آهن، جڏهن ته شڪارپور ۾ 128، ٽنڊي محمد خان ۾ 58، ٽنڊي الهيار ۾ 26، نوشهري فيروز ۾ 89، ميرپورخاص ۾ 114، لاڙڪاڻي ۾ 155 ۽ سانگهڙ ۾ 28 ملازم ڊيوٽيون نٿا ڪن. خط ۾ سيڪريٽري تعليم لکيو آهي ته عادي گوسڙو استادن ۽ ملازمن  جون آءِ ڊيز  جلد بند ڪيون وڃن. ٻئي پاسي تعليم کاتي پاران گوسڙو ملازمن جي اسڪروٽني ۽ کاتيوار ڪارروائي لاءِ ڊي اي اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي