ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت مختلف ضلعن جي 15جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سول ججن جون بدليون، نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي اولھه جي جوڊيشل مجسٽريٽ حاتم سخي راڄپر کي سکر بدلي ڪيو ويو. حيدرآباد جي جوڊيشل مجسٽريٽ عبدالمومن ڪلھوڙو کي ڪراچي اولھه ۾ ذميواري ڏني وئي،  سول جج محمد قابل کي سکر مان حيدرآباد موڪليو ويو، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان عادل عزيز کي بدلي ڪري ڪراچي اولهه جو جوڊيشل مجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ، ڪراچي اولهه جي جوڊيشل مجسٽريٽ نوڪر عباس کي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪراچي ايسٽ مان جوڊيشل مجسٽريٽ نياز حسين کي لاڙڪاڻي بدلي ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان جي ڪنزيومر ڪورٽ جي جوڊيشل مجسٽريٽ عبدالستار کي ڪراچي ڏکڻ ۾ مقرر ڪيو ويو،