سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات مان نه بچي سگهيا، ٻارڙن سوڌو 15 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

0
333
لاڙڪاڻي ۾ اڄ به رولو ڪتن

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، 2عورتن ۽  3 ٻارڙن سميت 15 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

رولو ڪتن جي ڏاڙهلين ۾ 9 ورھين جو علي رضا،  46 ورھين جو محمد عثمان، 30 ورھين جو گل حسن، 40 ورھين جو صدام، 8 ورھين جي شاھينا، 23ورھين جي شھناز، 11 ورھين جي شائستا، 26ورھين جي پروين ۽ ٻيا شامل آهن

زخمين کي سندن وارثن چانڊڪا اسپتال ۾ قائم اي آر وي سينٽر ۾ آندو ويو جتي کين ويڪسين فراھم ڪئي وئي، شهرين چيو ته رولو ڪتن جو آزار تمام گهڻو آهي، ھر معصوم ٻارڙا عورتون توڙي مرد ڏاڙھجي زخمي ٿين ٿا پر انتظاميا ڪتا مار مھم شروع نه پئي ڪرائي