ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 95 حياتيون کسي ورتيون، 4016 نوان ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 6.42، لاهور ۾ 7 ، پشاور ۽  راولپنڊي ۾ 10، ملتان ۾ 14،  ڪراچي ۾ 14 ۽ حيدرآباد ۾ 9 ۽ سنڌ صوبي ۾ مجموعي شرح 7.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هوڏانهن سنڌ ۾ 37 شهرين دم ڏنو، جڏهن ته 1217 نوان ڪيس ظاهر ٿيا،  ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 49514 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 48434 گھرن، 34 آئسوليشن سينٽرن ۽ 1046 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 928 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 86 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 596 ، حيدرآباد ۾ 146، بدين ۾ 42، ميرپورخاص، ٿرپاڪر ۽ سانگھڙ ۾ 34_34، عمرڪوٽ ۾ 33، شهيد بينظير آباد ۾ 30، مٽياري ۾ 27، ٺٽي ۾ 24، سکر ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 22_22، ڄامشوري ۾ 19، سجاول ۾ 18، گھوٽڪي ۾ 17، ڪشمور، دادو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 15_15، نوشهري فيروز ۽ شڪارپور ۾ 14_14، جيڪب آباد ۾ 9، خيرپور 5 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.  ٻئي پاسي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ريشم گلي واسڻ 80 سالن جي ڪوشل ۽ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بکو ديرو جي رهواسڻ 65 ورهين جي مومل خاتون فوت ٿي ويون، هوڏانهن ٽنڊوباگي لڳ ڳوٺ سڄڻ اڍيجو جو رھواسي سماج سڌارڪ ڊاڪٽر طيب اڍيجو ڪورونا وبا سبب زندگي جي جنگ ھارائي ويو. کيس سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جا سرڪاري ۽  خانگي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سومر 30 آگسٽ  کان 50 سيڪڙو حاضري سان کولڻ جو اعلان، ان حوالي سان ڪالهه اسڪول ايجوڪيشن ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتن پاران قائم ڪيل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خانگي اسڪولن جي ايسوسيئيشنز سميت 7 ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 50 سيڪڙو حاضري سان 30 آگسٽ تي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪول توڙي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون وينديون، جنهن بعد تعليم کاتي ۽ يونيورسٽريز اينڊ بورڊ جي اختيارين پاران  ڌار ڌار نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا، نوٽيفڪيشنز ۾ ڄاڻايو ويو ته هفتي ۾ 6 ڏينهن تائين اسڪول ۽ ڪاليج کليل رهندا، هر شاگرد هفتي ۾ رڳو 3 ڏينهن اسڪول ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪري سگھندو. خانگي اسڪولن جي انتظاميا کي پابند بڻايو ويو ته استادن ۽ اسٽاف جي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن 30 آگسٽ کان اڳ مڪمل ڪئي وڃي. شاگردن کي والدين کي به پابند بڻايو ويو آهي ته اهي پنهنجا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ اي ميل ذريعي 30 آگسٽ کان اڳ اماڻي ڇڏين، جيئن سندن ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگھجي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪسينيشن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ نوان حڪم ۽ ٽائيم فريم جاري ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ گھروکاتي ڄاڻايو آهي ته تعليمي سيڪٽر ۾ استاد، انتظامي آفيسر ۽ تعليمي ادارن سان لاڳاپيل ٽرانسپورٽ جو اسٽاف 31 آگسٽ تائين لازمي فرسٽ ڊوز ۽ 30 سيپٽمبر تائين ٻيو ڊوز لڳرائي. جڏهن ته هوائي سفر ڪندڙ به 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ويڪسين ڪرائين، شاپنگ مالز، هوٽلز،  گيسٽ هائوسز  ۽ شادي هالز جو اسٽاف به 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ويڪسين ڪرائين، 17 سال ۽ ان کان مٿي جا نوجوان 15 سيپٽمبر تي پهرين ۽ 15 آڪٽوبر تي مڪمل ويڪسين ڪرائين، ريل گاڏين، بسن، وينن، ڪوسٽرن، ٽيڪسين جو اسٽاف ۽ هوم ڊليوري بواءِ به 15 سيپٽمبر تي پهرين ۽ 15 آڪٽوبر تي مڪمل ويڪسين ڪرائين، سرڪاري ۽ نجي آفيسن جو اسٽاف، ريل، روڊ رستي سفر ڪندڙ به 15 سيپٽمبر تي پهرين ۽ 15 آڪٽوبر تائين مڪمل ويڪسين ڪرائين. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته سمورين مسافر گاڏين کي چڪاسي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽس طلب ڪيا ويندا، جن مسافرن کي ويڪسين ٿيل نه هوندي، انهن کي ويڪسين ڪرائڻ بعد ئي گاڏين ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي، مسافر گاڏين تي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽس هنيا ويندا، ريل گاڏين ۾ ويڪسين کانسواءِ سفر جي اجازت نه هوندي، جيڪڏهن ڪنهن سفر ڪيو ته ٽڪٽ چيڪر ۽ لاڳاپيل عملو ذميوار هوندو، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ايس ايچ اوز توڙي ليبر آفيسر حڪمن تي عمل ڪرائيندا ۽ پنهنجي حدن ۾ورزي ڪندڙن تي قلم 188 تحت ڪيس داخل ڪرائيندا، هوڏانهن سنڌ پوليس طرفان ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ سبب سمورن پوليس ٽريننگ سينٽرن ۾ ٽريننگ سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽريننگ سينٽرن ۾ سموريون ٽريننگ سرگرميون ۽ پروگرام ايندڙ حڪم تائين معطل ڪيا ويا آهن،