اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ ۾ به سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪندي ٻيٽن جي مالڪي وفاق حوالي ڪرڻ، سامونڊي مصنوعي ٻيٽن تي اڪنامڪ زون ٺاهڻ جا اختيار وفاق کي ڏيڻ لاءِ ترميمي بل پيش، بل وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي حوالي، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل 2023ع پيش ڪيو، جيڪو بل 3 فيبروري تي قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي اماڻيو هو،  جنهن کي ڪالهه سينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ غور لاءِ سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اماڻيو ويو آهي، پيش ڪيل پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل 2023ع ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ميري ٽائيم زونس ايڪٽ 2023ع منظوري کان پوءِ فوري طور تي لاڳو تصور ٿيندو، بل جي شق 3 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سرڪاري گزيٽ ذريعي سامونڊي علائقن، ان سان لڳندڙ زونن،  خصوصي اڪنامڪ زون، سمنڊ جي تهه جون حدون طئي ڪري سگهندي، بل جي سيڪشن 6 جي شق 8 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت يا ان پاران تجويز ڪيل اٿارٽي کي واپار لاءِ استعمال ٿيندڙ غيرملڪي جهازن کي ضابطي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني سامونڊي حدن مان ڪڍڻ جو اختيار هوندو،  منظور ٿيل بل جي سيڪشن 8 کي خصوصي معاشي زونن جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي مصنوعي ٻيٽن، سمنڊ سان ٽرمينلز، ٻيون تنصيبات  ۽ اسٽرڪچر ۽ آلات جيڪي زون جي وسيلن سان تلاش لاءِ ضروري هجن، انهن بابت تعمير، مينٽيننس ۽ آپريشن جو حڪومت کي اختيار حاصل هوندو،  خصوصي معاشي زون جي نالي سان شامل ڪيل سيڪشن 8 جي شق 3 ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص يا ڪمپني ، غير ملڪي حڪومت وفاقي حڪومت جي اجازت سان خصوصي معاشي زونن جي ڪنهن به وسيلي کي تلاش يا ان جو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، ڪا تحقيق، ڊرل يا مصنوعي ٻيٽن تي انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي هلائي سگهي ٿو، جي سيڪشن 10 کي حفاظتي زونن جي نالي سان شامل ڪيو ويو  آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت مصنوعي ٻيٽن ، سمنڊ تي ٽرمينل، تنصيبات ۽ ٻي تعميرات ۽ آلات جي ڀرپاسي سان حفاظتي زون قائم ڪري سگهندي، جيڪي وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل لائسنس تحت ڪنهن شخص، ڪنهن ڪمپني پاران خصوصي زونن ۽ سامونڊي پاڻي ۾ انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪيا ويندا، انهن کي برقرار رکڻ ۽ هلائي سگهڻ جا اختيار وفاقي حڪومت جا هوندا، اهڙي قانون جي ڪوئي به شخص ڀڃڪڙي ڪري ته اهو ڏوهه تصور ٿيندو، ان شخص کي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري سگهبو.