اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ ساڃاهه وندن جي اعتراضن باوجود پهرين مارچ کان طئي ڪيل طريقيڪار تحت ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شماريات بيورو سنڌ جي خدشن باوجود ملڪ اندر پهرين مارچ 2023ع کان گهر ۽ آدمشماري شروع ڪرڻ، 30 اپريل 2023ع تي نئين آدمشماري جي انگ اکرن تي ايندڙ عام چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ  جي منظوري سان نئين آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو جي ترجمان  محمد سرور گوندل چيو آھي ته ملڪ اندر پهريون ڀيرو ڊجيٽل طريقي سان پهرين مارچ کان گهر ۽ آدمشماري شروع ٿيندي ، پهرين اپريل کان آدمشماري جي ڊيٽا جو تجزيو ( اينالائيسز) شروع ٿيندي، 30 اپريل تي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تي ٻڌل انگ اکر جاري ڪيا ويندا، پهرين مارچ کان گهر گهر وڃي گهر ۽ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ  هڪ لک 21 هزار ڳڻپ ڪندڙ عملو(اينيومريٽرز) مقرر ڪيا ويا آھن، 86 هزار آرمي جا آفيسر ۽ جوان مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي سينسز بلاڪن ۽ سرڪلز جي بائونڊريز تي ڊيوٽي ڏيندا، آدمشماري ڪرائڻ جون سموريون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آھن، ڏهن سالن بعد آدمشماري ڪرائڻ جو نه آئين ۾ ڪو ذڪر آھي نه ئي اهڙو ڪو  قانون آھي ڏهن سالن بعد آدمشماري ڪرائڻ جي روايت رهي آھي، نئين آدمشماري جي طئه ڪيل طريقيڪار تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سي سي آءِ ۾ ڪو به اعتراض نه واريو هو، سمورا اسٽيڪ هولڊر آدمشماري جي حوالي سان هڪ صفحي تي آھن،  آدمشماري جي تيارين بابت پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو آدمشماري لاءِ عمران خان جي حڪومت ۾ 13 جنوري 2022ع تي سي سي آءِ منظوري ڏني، هڪ لک 21 هزار شمار يا ڳڻپ ڪندڙ عملي جي ٽريننگ مڪمل ڪئي وئي آھي، آدمشماري لاءِ 1 لک 26 هزار ٽيبليٽس جي فراهمي ڪري چڪا آھيون، 495 هنڌن تي سپورٽ سينيٽر قائم ڪيا ويا آھن، 20 فيبروري کان پاڻمرادو آدمشماري جي ڊيٽا پورٽيل ذريعي ڀرڻ جو عمل شروع ٿيو هن وقت تائين 43 لک ماڻهو پنهجا تفصيل ڀري چڪا آھن،30 اپريل تي نئين ڊجيٽل آدمشماري جي ڊيٽا سي سي آءِ جي منظوري سان جاري ڪئي ويندي، شماريات بيورو جي ترجمان چيو ته  نئين آدمشماري جي انگ اکرن تحت ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ  تڪ بنديون ٿينديون اهو به سي سي آءِ فيصلو ڪري چڪي آھي، هن چيو ته آدمشماري جي مامري تي سڀ هڪ پيج تي آھيون رڳو سنڌ لاءِ نه پر سڄي پاڪستان لاءِ آدمشماري جو طريقيڪار شفاف نموني تيار ڪيو آھي، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ڳڻپ لاءِ به ايس او پيز تيار ڪيا آهن، بي گهر ماڻهن کي شمار ڪرڻ لاءِ ڌار فارم هوندو. هڪ سوال تي ترجمان شماريات بيورو چيو ته جيڪو ماڻهو جتي هوندو اهو اتان جي آبادي جو ڳڻيو ويندو، سڃاڻپ ڪارڊ ضروري ناهي.