اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر دنيش ڪمار سنڌ مٿان بلوچستان جو پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو، سينيٽ جي اجلاس ۾بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر  دنيش ڪمار چيو ته هٿ جوڙي سنڌ کي درخواست ڪيان ٿو ته بلوچستان کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، پاڻي جو وفاقي وزير سنڌ سان تعلق رکندڙ آهي، هي پاڻي چوري جي ڳالهه ڪيئن ڪن ٿا، اسان جو 65 سيڪڙو پاڻي چوري ٿئي ٿو، اسان جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، اسان کي پاڻي ڏنو وڃي، پاڻي نه ڏيڻ خلاف اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيون ٿا، جنهن کان پوءِ اپوزيشن سان تعلق رکندڙ سموريون پارٽيون دنيش ڪمار سان گڏ واڪ آئوٽ ڪري ويون، واڪ آئوٽ ۾ نيشنل پارٽي جي حڪومتي سينيٽر طاهر بزنجو به حصو ورتو، ڪجهه دير کان پوءِ واڪ آئوٽ ختم ڪري ميمبر ايوان ۾ واپس اچي ويا، سينيٽ چيئرمين بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي بابت ارسا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.