لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ بلوچستان رائيس ملرز ايسوسئيشن طرفان بجلي جي واڌو بلن تي خدشن جو اظهار ڪندي ڳرا بل واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي 10 ڊسمبر کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڊسمبر مهيني جا بل ادا نه ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ بلوچستان رائيس ملرز ايسوسئيشن جو اجلاس مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد علي تنيو جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سنڌ بلوچستان جي رائيس مل مالڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اسد تنيو چيو ته اسان جي جنرل باڊي جو اجلاس گذريل مهيني ٿيو هو جتي پڻ واپڊا جون ئي شڪايتون رائيس مل مالڪن ڪيون جڏهن ته ان کان اڳ ئي اسان وزيراعظم پاڪستان کي خط ذريعي اهڙي معاملي کان آگاهه ڪري چڪا آهيون ان بعد به هاڻي نومبر مهيني جا ڳرا ۽ واڌو بل ملرن مٿان مڙهيا ويا آهن، اهڙو عمل رائيس مل مالڪن جي برداشت کان ٻاهر آهي. اجلاس ۾ نومبر مهيني جي واڌو بلن کي سامهون رکندي اهو طئي ڪيو ويو ته ايندڙ مهيني ڊسمبر جي 10 تاريخ تي تمام تعلقن ۽ ضلعن ۾ رائيس مل مالڪ پريس ڪلب آڏو حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪيسڪو خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا، جيڪڏهن 18 ڊسمبر تائين واپڊا جي ڪنهن به ذميوار عملدار رابطو نه ڪيو ته مجبور ٿي اسين پنهنجون رائيس ملون بند ڪري ڊسمبر مهيني جي بجلي جو بل جمع نه ڪرائينداسين.