حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ڪمند جي مقرر ڪيل 302 رپيا في مڻ واري اگهه تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڪمند جو اگهه 350 يا 340 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. هڪ بيان ۾ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي اڳواڻن علي پلهه، ولي ٿيٻو، جمال محمد کهڙو، ذوالفقار علي وساڻ ۽ ٻين چيو آهي ته 23-2022ع جي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪمند جي اگهن جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ حڪومت صرف 52 رپيا ۽ پنجاب حڪومت 75 رپيا ڪمند جي اگهه ۾ اضافو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جو اهو عمل آبادگارن سان ناانصافي وارو عمل آهي. اهڙي عمل سان سنڌ ۾ ڪمند پوکيندڙ آبادگارن جي حوصلا شڪني ٿيندي جنهن جي ڪري ڪمند جي پوکي گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي. تازو بارشن سبب به ڪمند پوکيندڙ ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي امداد ۾ نظرانداز ڪيو ويو جنهن سان پڻ ڪڻڪ ۽ ڪمند جي پوکي تي اثر ٿيندو. ايس اي آر سي مطالبو ڪيو آهي ته ڪمند جو اگهه 350 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته هارين ۽ زميندارن لاءِ بهتر امدادي زرعي پيڪيج جو اعلان به ڪيو وڃي ته جئين ٻوڏ سٽيل آبادگار ۽ زميندار پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن.