سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

0
850

ڄامشورو: سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 16 آڪٽوبر تي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس ڪنوينر ۽ چيئرمين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿيو

Pakistan Flooding: Bad Governance Exacerbates Climate Change Effects

اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاهه، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ نواز خان زنئور، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ نثار لغاري ، روشن علي ٻرڙو، ارباب ڀيل ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي

اجلاس بعد ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙيو آهي، بي گهر ٿيل لکين ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته آبادگارن کي مفت ڀاڻ ۽ ٻج فراهم ڪيو وڃي، ٻڏي ويل علائقن مان فوري طور پاڻي ڪڍيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68900 ٻوڏ متاثر خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات متاثرن جا مظاهرا