سنڌ ايڪتا جي رنگن ۾ رنگجي وئي، شاندار ريليز ۽ تقريبون

0
330

ڪراچي: ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي“ سنڌ سان درد جو رشتو” کي ڀرپور موٽ ملڻ جو سلسلو جاري آهي

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 4ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون جاري آهن، مختلف شهرن ۾جاڳرتا ريلين، مچ ڪچهرين ۽ اسڪولن ۾ ثقافتي پروگرامن جو سلسلو جاري آهي

ڄامشورو، جروار ۽ جهنڊو مري ۾ مچ ڪچهريون ڪوٺائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا ڪئي وئي

شيخ ڀرڪيو، ٺل، پيرومل، سڪرنڊ ۽ ڪشمور جي اسڪولن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، جنهن دوران شاگردن طرفان مختلف ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو

هڱورجا ۾ ڪوٺايل ايڪتا ڪچهري ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت عظيم ۽ قديم آهي، سنڌ جا ماڻهو 4 ڊسمبر کي قومي عيد ڪري ملهائيندا

نوابشاهه ۾ ايڪتا تقريب دوران ٻارڙن جو جوش ڏسڻ وٽان آهي، مختلف علائقن ۾ تقريبون ڪوٺائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ به ايڪتا جا رنگ نروار