اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف سنڌي ثقافت ڏينهن جي سمورن سنڌين کي مبارڪ ڏيندي چيو آھي ته هزارين سالن کان سنڌ جي تهذيب نه رڳو هن خطي پر انسانيت جي تهذيب ۾ پنهنجي ثقافت خوبصورتي جو رنگ ڀريندي پئي اچي، اڄ باب الا اسلام سنڌ جو ثقافتي ڏينهن پاڪستان ۾ وفاق جي هڪ خوبصورتي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آھي، وزيراعظم چيو ته آئون سمورن سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ثقافت جي ڏينهن جي مبارڪ ڏيان ٿو.