ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو)  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس  ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تان پي ٽي آءِ ميمبرن علامتي واڪ آئوٽ  ڪري ڇڏيو:  متحده جا 2 بل اسٽينڊنگ ڪاميٽين حوالي،  جڏهن ته  جي ڊي اي جا 2 بل رد، پورهئي واري وزير  صوبي ۾ ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ  کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه پرائيويٽ ميمبر ڊي هجڻ باوجود مخالف ڌر جو ڳواڻ حليم عادل شيخ، پي ٽي آءِ ، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي، ٽي ايل پي ۽ جماعت اسلامي جا پارلياماني اڳواڻ ايوان ۾ نه آيا،  ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار سنڌ ۾ عورتن جي منصفاڻي نمائندگي بل ۽ سنڌ شادي تقريبون (اجائي نمائش ۽ فضول خرچي کان روڪڻ) وارا بل  پيش ڪيا، جنهن جي پهريائين صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا مخالفت ڪئي پر پ پ ايم پي ايز ۽ وزيرن جي حمايت بعد بلن کي اسٽينڊنگ ڪاميٽين ڏانهن ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن  جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي سنڌ سرڪاري ملازم  ترميمي بل ۽  ايم پي ايز استحاق ترميمي بل پيش ڪيا، جيڪي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي مخالفت بعد ايوان رد ڪري ڇڏيا. جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن جا 9 بل ايم پي ايز جي غير حاضري سبب پيش نه ٿي سگهيا،  اجلاس کي  پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رابستان خان معمار پوليس پاران سندس گهر تي چڙهايون ڪرڻ خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪئي، جيڪا صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پاران مخالفت ڪرڻ بعد آئوٽ آف آرڊر قرار ڏئي رد ڪئي وئي، جنهن تان پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ۽ نعري بازي ڪندي اجلاس جو بائڪاٽ ڪري هليا ويا. ٻئي طرف اسيمبلي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي پورهئي واري وزير سعيد غني صوبي ۾ ٻارن جي جبري پورهئي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو  ته سنڌ سرڪار  ٻارن کان پورهيو نه ڪرائڻ بابت قانون به پاس ڪيو آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ٻارن کان پورهيو ورتو وڃي ٿو، هن  چيو ته صوبي ۾ سوا 6 لک ورڪرز رجسٽرڊ آهن، اهو انگ درست ناهي، مزدور انهي کان وڌيڪ آهن، کاتو رجسٽرڊ مزدورن کي بينظير ڪارڊ ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته هاڻي ڪارخانن کان مزدورن جي لسٽ نه وٺنداسين، پورهيت پاڻ رجسٽريشن ڪرائي سگهندا، سيلف ورڪر کي به رجسٽرڊ ڪري ان کي صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏينداسين، هن چيو ته پورهيت جي فوت ٿيڻ تي ملندڙ امداد 3 لک کان وڌائي 5 لک رپيا ڪئي وئي آهي،شهزاد قريشي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 14 سالن کان ننڍي عمر واري ٻارڙن کان پورهيو  ڪرائڻ ڏوهه آهي، کاتي پاران 33 ڪيس داخل ڪرايا آهن، هن چيو ته کاتي وٽ محدود وسيلا آهن، پورهيت ٻارن بابت ڪا شڪايت ايندي ته ڪارروائي ڪنداسين،  رابعا اظفر پاران 17 لک  ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اهو هڪ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي، اسان ڊي سيز کي خط  لکي قانون تي عمل جي هدايت ڪئي آهي.